18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ڪهت ڪبير ڄڻ گونگي ڳُڙ کاڌو….!! :نوراحمد جنجهي

ڪلاسيڪي شاعري تصوف توڙي ويدانت جي رازن ۽ رمزن سان ڀرپور آهي. ڪلاسيڪي شاعرن پنهنجي عقل، علم، مطالعي، مشاهدي، مراقبي، مجاهدي وسيلي جيڪي ماڻيو سو ئي پنهنجي ڪلام ۾ ونڊيو ورچيو اٿن.روحاني راز جون اهي سموريون خبرون ٿوري گهڻي فرق سان سڀني ٻولين ۾ سڀني شاعرن وٽ لڳ ڀڳ هڪجهڙيون آهن.ڪبير ڀڳت به پنهنجي ڪلام ۾ اهڙيون انيڪ ڳوڙهيون ڳالهيون ڳايون آهن جن مان سندس من جي مام جهلڪي ٿي. سموري اساسي شاعريءَ جو مُکي نقطو حق حقيقي هيڪ آهي جنهن کي اشارن ۽ اهڃاڻن ۾ سڀني بيان ڪيو آهي پر سڀئي ان نقطي تي به متفق آهن ته انهي ڳوڙهي ڳالهه  کي بيان ڪرڻ ممڪن ناهي. ميين عبدالرحيم مڱرئي گرهوڙ واري به اهڙي ڳالهه ڳرهي آهي؛

ڳُڙ نه سُڃاپي ڳالهين ، جان جان ڳُڙ نه کاءِ

ڳڙ کائڻ جي خبرڳڙ کائڻ واري کي ئي هوندي. ڳڙ کي ڳالهين مان ڄاڻي نٿو سگهجي.ڳالهه ان کان به اڳتي وڃي ٿي ۽ گونگو ماڻهو جيڪڏهن ڳڙ کائي يا ڪوئي  سپنو ڏسي ته ان کي بيان نٿو ڪري سگهي. بيان ڪرڻ جون سوين ڪوششون ڪرڻ باوجود جيڪا ڳالهه بيان ٿيندي اها ان حقيقت جو اڻ پورو اظهارهوندي. اظهار جي ان پنٿ ۾ اظهار ايترو ممڪن آهي جيترو ان جي موڪل آهي. ان روشنيءَ ۾ انساني ٻوليون ۽ بيان جو فن اسرندڙ آهي يعني پنهنجو پاڻ ۾ اپورو آهي.

ڪبير سائين پنهنجي دوهن ۽ واڻين ۾ ڳوڙهيون ڳالهيون ڳايون آهن.هو روايت کان گهڻو اڳتي وڌي ٿو. سندس خيال جي اُڏام  گهڻو اڳتي وڃي ٿي. ظاهري علم کان اڳتي وڌي حق ڳولڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. سندس ڪلام ۾ جابجا مختلف ڪتابن ۽ عقيدن جو ذڪر جنهن نموني سان  ٿيو آهي تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کيس ان وقت جي رائج عقيدن جي اٿاهه ڄاڻ هئي. حق جي طالب کي هو هن ريت مخاطب ٿئي ٿو؛

بيد کهي سرگن کي آگي نرگن کا بسرام

سرگن نرگن تج  هو سوهاگن، ديکهه سب هي نج دهام

سکهه دُکهه وهان کچهو نهين وياپي ، درس  اڻهو جام

نور اوڙهن نوري ڊاسن، نوري کا سرهان

کهي کبير سُنو بهائي سادهو، ست گرو نور تمام

هو فرمائي ٿو ته ويد چون ٿا ته سرگڻ اڳيان نرگڻ جو واهيرو آهي يعني صفات کان اڳتي اصفاتي لقاءُ آهي. اي سهاڳڻ! سرگڻ توڙي نرگڻ جي ڪاڪ محل مان ٻاهرنڪري اچ. سڀئي ماڳ نج ڌام آهن. سُک ڏک جي اُتي ڪائي جهلڪ ناهي. اٺئي پهر درشن ئي درشن آهي. نوراوڍڻ ، نوروڇائڻ، نورئي ڪنڌ وهاڻو آهي. اي ساڌو ڀائرو ٻُڌو! ڪبير چوي ٿو ست گر سمورو نور آهي.هو ويدن جي واڻيءَ کان اڳتي وڌي ، حقيقي نور جو بيان ڪري ٿو جيڪو سرڳڻ ۽ نرڳڻ جي جنجهٽ کان پري آهي. هو هرهنڌ حاضر ناظرآهي. زمان ۽ مڪان جو حدبنديون ته انساني  عقل جي جوڙجڪ تي اثرانداز ٿين ٿيون. تصوف توڙي ويدانت زمان ۽ مڪان مان ٻاهر جهاتي پائڻ سيکارين ٿا تنهنڪري  ڀڳت ڪبير سموري لقاءَ کي نورئي نور ڪوٺي ٿو.

اکيون ڏسڻ جو ظاهري وسيلو آهن پر اصل ۾ اکين جو عمل اندر جي اک سان مڪمل ٿئي ٿو. دوست جو دلي ديدار اندر جي اکين کي روشن ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي اٻول لقاءَ کانپوءِ ورچي وهڻ واجب ناهي. لطيف سائين جي زبان ۾ ”لڪ لانچڻا“ پون ٿا ۽ پهڻن منجهه جذب ٿي پنڌ ڪرڻ سولو ٿي پوي ٿو. نينهن جو اهو نهو يعني بُڻ بڻياد اهڙو ڀلو سرچشمو آهي جو سرفراز ڪري ڇڏي ٿو. لطيف سائين لفظن ۾؛

دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرچِي تان نه وِهي؛
لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، پَهڻَنِ مَنجِھ پِهي؛
سَندي نِينهن نِهي، ڪِي سَرفِرازُ سَسُئِي

سچي صورت جڏهن اکين ۾ سمائجي وڃي ٿي ته پوءِ هرطرف پرينءَ جو پار نظراچي ٿو ، ديدار ئي ديدار آهي جنهن سان من ۾ قرار ئي قرارآهي.من جي ان قرار ۾ سرءُ جو سياڪو ناهي رڳو بهار ئي بهارآهي.ڪائنات هڪڙي محلات جيان آهي جنهن جي هر دريءَ دريچي مان صاحب سامهون آهي. لطيف به ڪوڙين ڪايائن جو ذڪر ڪيو آهي جن جا درشن ڌارڌار هجڻ جي ڪري ، هرڪو حيران آهي ۽ پرينءَ جا پار ٻُڌائڻ کان به قاصر آهي. ڪبير ڀڳت به چوي ٿو ته اکين ۾ حق حقيقي صورت رکڻ ئي توکي ان نعمت سان همڪنار ڪندو. هرهنڌ سندس وجود جو واسو آهي. ايڪ مان انيڪ ٿيو آهي، انيڪ کي موٽي ايڪ ڏانهن وڃڻو آهي. دل ۾ سوچ ويچار ڪندين ته هيءَ  سموري ڌرتي توکي پنهنجو ديس محسوس ٿيندي. ست گروءَ جو درشن تو ۾ عشق جي آڳ کي اُجاري نروار ڪندو. سُرت (تعلق) توڙي نرت (بي تعلقي) جا سمورا راز کلي پوندا. تڏهن محسوس ٿيندو ته هن دنيا ۾ هوندي ڪٿي ٻئي هنڌ آهيو. ڪبير اظهاري ٿو؛

تو صورت نين نهار، وه انڊ مين سارا هي

تو هردي سوچ بچار يه ديش همارا هي

ست گرو درس هوئي جب بهائي

وه دين تم کو پريم چتائي

سرت نرت کي بهيد بتائي

تب ديکهي انڊ کي پارا هي

سکل جگت مين ست کي نگري

چت بهلاوي بانکي ڊگري

سو پنهنچي چالي بن پگ ري

ايسا کهيل اپارا هي

هي ظاهري جڳ ڪيئن وجود جي واسي سان واسيل آهي. هن دنيا جون آڏا ٽيڏا رستا ، پنڌ ۽ پيچرا ڪيترا دلڪش آهن. هي اهڙو دلچسپ ۽ عجيب پنٿ آهي جنهن تي پيررکڻ کانسواءِ پانڌي من وڻندي ماڳ پهچي وڃن ٿا. هي کيل اهڙو اپار کيل آهي جنهن جو ڪو دنگ درو ناهي. صوفين وجود  جي ان ڪيفيت کي ”ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾ “ ڪوٺيندي،  ”نڪي اوڏو اک کي، نڪي نظران ڏور(خواجه محمد زمان)“ سڏيو آهي. اهڙي ڪيفيت حيراني پيدا ڪري ٿي جنهن ۾ ماڻهو وهلور وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته انساني عقل، علم ، مشاهدو توڙي مطالعو ان سموري ادراڪ کان هيٺ رهجي وڃي ٿو.ماڻهوءَ جي سمجهه  کان جيڪي مٿاهون هوندو آهي ان تي هو حيران ئي ٿيندو آهي. حيراني به هڪڙو انساني علم آهي جيڪو عام ماڻهوءَ کان وٺي عالمن تائين ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ نظر ايندو آهي ۽ ان مان ئي انساني سوچ ۽ ساڃهه کي ڪانه ڪا مهميز ملي ٿي. ڪبير اهڙي حيرانيءَ ڀري ، مسرت واري ڪيفيت کي بيان ڪندي ، چوي ٿو؛

ليلا سُکهه اننت  وهان کي

جهان راس ولاس اپارا هي

گهن تجن چهوڻي يه پائي

پهر نهين پانا ستانا هي

پد نربان هي اننت اپارا

سُرت مورت لوک پسارا

ست پُرش نو تن تن دهارا

صاحب سکل روپ سارا هي

باگ بگيچي کهلي پهلواري

امرت لهرين هو رهين جاري

هنسا کيل کرت ننهه بهاري

جهان ان حد گهوري اپارا هي

تا مدهه ادهر سنهاسن گاجي

پرش مهان تهان ادهک براجي

کوٽن سور روم اک لاجي

ايسا پرش ديدار هي

پنتهه بنا ست راگ اُچارين

جو بيدهت  هنيين منجهارا هي

جنم جنم کا امرت دهارا

جهان ادهرامرت پُههارا هي

ست سي ست سُن کهلائي

ست بهنڊارياهي کي مانهي

نهتت رچنا تاه رچائي

جو سبهن تين نيارا هي

احد لوک وهان هي بهائي

پُرش انامي اکها کهائي

جو پهنچي جانين گي واهي

کهن سُنن تي نيارا هي

روپ سروپ کچهو وهان ناهين

ڻهور ڻهائون کچهو ديسي ناهين

اجر تول کچهه درشٽ نه آئي

کيسي کهون سُمارا هي

جا پر کرپا کرهي سائين

انهد مارگ گاوي تاهين

اُدبهو پرلي پاوت ناهين

جب پاوي ديدارا هي

کهين کبير مُکهه کها نه جائي

نا کاگد پر انک چڙهائي

مانون گونگي سم گُڙ کهائي

کيسي بچن اُچارا هي

ڪبير مطابق اُتي سدائين سک جي راند جاري آهي. سعادت ۽ مسرت ابدي آهن. اهو ملي وڃي ته دنيا جو سمورو ”وڃائڻ“ ۽ ”ماڻڻ“ بي معنى آهي. ماڻڻ  لاءَ هڻ هڻان ۽ تياڳڻ جي لذت ختم ٿي وڃن ٿيون. هو ئي لامحدود آهي . سندس وجود سان ئي سنسار ۾ سرت يعني عشق جو اظهار آهي. حق جي هيڪڙائي مان ڪثرت جو قرب جاري آهي. هر روپ ۾ صاحب جي صورت جهلڪي ٿي. باغ سڳنڌيل آهن. ڦُل واڙيون کليل آهن. امرت جي لهرروان آهي. هنج يعني روح  خوشيءَ مان نچي رهيو آهي. حق جو ديدار اهڙو دلڪش آهي جو ان جي هڪ وار جيتريءَ روشنيءَ سان لکين سڄ شرمائجي ، جهڪا ٿي وڃن ٿا.سرمدي صوت گونجي رهي آهي، جنم جنم جي امرت ڌارا جاري آهي. ابديت جو ڦونهارو اُٻڙڪا کائي ڦُٽي رهيو آهي. هوئي سڀ کان وڏي صداقت آهي جنهن ۾ سموريون صداقتون جذب آهن.عقل ۽ فلسفي کان ڏور سندس وجود ۾ تخليق جو عمل جاري آهي. هو سڀ کان نيارو آهي. هيڪڙائي حق هرڳالهه کان بي نياز آهي جنهن جو ڪوئي بيان ممڪن ناهي. ماڳ مڪان زمين زمان کان بالاترهو پاڪ آهي سندس ڪوئي شمار ناهي. جن تي سندس راز ٿئي ٿو اهي ئي مانائتي مقام کي پهچن ٿا. مالڪ جو ديدار ازل ۽ ابد جي حدن کان ماورا ڪري ٿو ڇڏي. ڪبير چوي ٿو ته سندس بيان زبان  سان ممڪن ناهي نه ئي ڪاغذ تي سندس بيان کي لکي سگهجي ٿو. اهو ايئن آهي جيئن ڪنهن گونگي ڳُڙ کاڌ و هجي ۽ کائنس ڪوئي ذائقو پڇندو ته هو ڪيئن ٻُڌائي سگهندو؟ اگم ڳالهڙي واقعي الک آهي. ڪبير ڀڳت پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي ڳوڙها لفظ به ڪتب آندا آهن جيئن؛ بيد (ويد، اوائلي ڪتاب )، سرگڻ (صفتون) نرگڻ (اصفاتي)، بسرام (ڦوڪارو، ساهي) ڌام (مقدس ماڳ) سرهان (ڪنڌ وهاڻو)، ست گرو (سچو رهنما)، هردو (هنيون، قلب)،  بهيد (راز) سکل جڳت (طبعي دنيا )، اپارا (جنهن جو دنگ نه هجي، لامحدود) نرواڻ (ڇوٽڪارو، نجات ) امرت (آب حيات ) ڻهور (مڪان) سمارا (ڳڻپ ، شمار)،  مارڳ (رستو) وغيره. اهي سڀئي ڳوڙها ٻول آهن جن تي الڳ لکڻ جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نانيءَ جو رتبو ۽ ٻاجهارو ڪردار

عابده گهانگهرو اڪبر جسڪاڻي جي ڪتاب “ بتين واري ناني” سندس زندگيءَ جي يا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے