18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين خلاف معصوم زينب جنهن جڳ جاڳائي ڇڏيو: ڊاڪٽر ايوب شيخ

ڊاڪٽر ايوب شيخ

پنجاب جي شهر قصور جي معصوم ٻارڙي زينب امين جو واقعو نه ٿئي ها يا ميڊيا ان واقعي کي نه کڻي ها ۽ ملڪ جي سياسي اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري کان وٺي سمورن جي نظر ان ڏوهه تي نه پوي ها ته پاڪستان ۾ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي توڙي سماجي ڏاڍاين جي باري ۾ اهي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم ۽ ناحق به اسان جي لکڻين جو حصو نه بڻجن ها.

پاڪستان ۾ جنسي ڏاڍاين خاص ڪري ٻارن سان زيادتين جا واقعا نه رپورٽ ٿين ٿا ۽ نه ئي ٿاڻن تي رجسٽرڊ ٿين ٿا، تنهن ڪري ڪنهن کي به انگ اکر سولائي سان نه ملي سگهندا.

جيڪي واقعا رپورٽ ٿيا آهن، انهن موجب گذريل سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍاين جا 768 واقعا ٿيا، سڀ کان گهڻا واقعا پنجاب صوبي ۾ ٿا، جن مان رڳو 68 واقعا قصور ضلعي ۾ ٿيا آهن. انهن واقعن ۾ شامل ڏوهين مان ڪيترا گرفتار ٿيا، ڪيترا آزاد ٿيا يا ٻارن جو ڇا ٿيو؟ انهن جو اوهي واهي ڪير ٿيو؟ انهن جي نفسي ۽ حسي دٻاءَ جي تدارڪ لاءِ ڇا ڪيو ويو؟ اها خبر ڪنهن کي به ڪانهي، اهي تفصيل ڪنهن وٽ به ڪونهن. هڪ غيرسرڪاري اين جي او ”ساحل“ موجب: قصور ضلعو 2015ع ۾ هڪ جنسي وڊيو اسڪينڊل ۾ مشهور ٿيو، تنهن قصور ضلعي ۾ زيادتين جي 141 واقعن ۾ 99 جنسي تشدد ۽ ڏاڍائين ۽ قتل جا واقعا شامل هئا.

ضلعي قصور پوليس وٽ اغوا کان پوءِ زنا ۽ قتل جا 12 واقعا درج ٿيل آهن. انهن واقعن جي وچور موجب پهريون واقعو 13 مهينا اڳ 4 ڊسمبر 2016ع تي پيش آيو، جڏهن ته هن ئي سال زينب سانحي کان هڪ مهينو اڳ ڪائنات سان به اهڙو ئي واقعو پيش آيو هو جيڪا لاهور اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ٻواٽي تي موجود آهي.

ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ”ساحل“ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قانون ساز ادارن کي اثرائتا قانون قائم ڪرڻا پوندا. ساحل تنظيم سکر جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاري ۽ ٻين اڳواڻن، جنوري کان جون 2015ع تائين ٻارن تي ٿيندڙ جنسي تشدد جي واقعن بابت انگ اکر پيش ڪيا. انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي تشدد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي ۽ رڳو گذريل ڇهن مهينن دوران 15 سئو 65 ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا پيش آيا. سماجي تنظيم جي اڳواڻن موجب گذريل ڇهن مهينن دوران 642 ڇوڪرن ۽ 923 ڇوڪرين کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته 683 ٻارن کي اغوا ڪيو ويو. انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ جنسي ڏاڍائي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٿيا، پنجاب ۾ 1021 ۽ سنڌ ۾ 294 ڪيس رپورٽ ٿيا. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 87، خيبر پختون خواهه 53، بلوچستان 97 ۽ ڪشمير ۾ 12 زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا. ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم جي انگن اکرن موجب جنسي ڏاڍائي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڳوٺن ۾ هڪ هزار 96 ۽ شهرن ۾ 469 رپورٽ ٿيا.

ڏاڍائي وقت ٻار ڇا ڇا سوچين ٿا ؟

سنڌ جي مشهور انسان دوست ڊاڪٽر مرلي ڌر موجب:

تحقيق ٻڌائي ٿي ته اڪثر زيادتي سهندڙ، زيادتي ڪندڙ کي سڃاڻيندا آهن، انهن مان 30 سيڪڙو اهڙن ٻارن جا مائٽ هوندا آهن، گهڻو ڪري اهي ڀاءُ، پيءُ، چاچا ۽ سؤٽ وغيره هوندا آهن، انهن زيادتي ڪندڙن جو 60 سيڪڙو دوست، ٻار جا مائٽ ۽ پاڙيسري هوندا آهن ۽ 10 سيڪڙو ڌاريا هوندا آهن، آمريڪن سائيڪياٽرڪ سوسائٽي (نفسياتي معالجن جي تنظيم) جي چوڻ مطابق ٻار وڏن کي ان ڪڌي ڪم جي اجازت ڏيڻ جا مجاز ڪونهن هوندا، تنهن ڪري اهو هر حال ۾ ڏوهه آهي، اهو اخلاقي ۽ قانوني ٻنهي طرح جو ڏوهه آهي ۽ ان جي ڪا به معافي ڪونهي. نفسياتي طرح اهي ٻار وري آڱوٺو چوسڻ ۽ بستري تي پيشاب ڪرڻ وارين عادتن کي پنهنجائيندا آهن، انهن کي بک نه لڳندي آهي ۽ انهن جي قوت ارادي متاٿر ٿي ويندي آهي، اهي ٻار ڪڏهن ڪڏهن جانورن خلاف ظالماڻو رويو به رکندا آهن، ۽ پنهنجي ايندڙ زندگي ۾ ٻين کي نقصان پهچائيندڙ ۽ باغي به ٿي پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ کي به نقصان پهچائڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن.

ٻارن تي تشدد:

ٻارن تي جنسي زيادتي سان گڏ ٻيو ظلم تشدد جو آهي. جيڪو اسڪولن، مدرسن، گهرن، هوٽلن، ڪم ڪار جي ٻين جڳهن تي ٿيندو رهي ٿو. اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته غربت سبب اهي ٻار نه رڳو ٻاروتڻ جهڙي عظيم ورهين ۾ راند روند ۽ ٻين تخليقي ڪمن کان پري رکيا وڃن ٿا، پر حيرت انگيز طور انهن ٻارن جو ننڍپڻ ۾ ڪم ڪرڻ جو سبب به سندن والدين جي حياتي ۾ سک پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو هوند هو 10 کان 15 ورهيه پوءِ شروع ڪن ها.

پاڪستان ۾ ٻارن سان ڏيندڙ مختلف ڏوهن جو انگ جيڪو پوليس وٽ ڇهن مهينن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو سو 1764 آهي. اڃا حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن واقعن ۾ گهٽ پڙهيل پاڪ پتڻ جو علائقو 169 ڪيسن سان پهرئين نمبر تي پڙهيل ۽ حڪمران اشرافيه جو سڏائجندڙ اسلام آباد 156 واقعن سان ٻئين نمبر تي آهي.

انهن واقعن جي گهڻائي ٻهراڙي جي علائقن ۾ درج ٿي آهي. پنجاب 62 سيڪڙو، بلوچستان 58، ڪي پي 42 ۽ سنڌ ۾ 28 سيڪڙو واقعا درج ٿا آهن. جڏهن ته ملڪ  جي مختلف شهرن جهڙوڪ اسلام آباد، قصور، لاهور، راولپنڊي، شيخوپورا، مظفرڳڙهه، پاڪ پتڻ، ويهاڙي، فيصل آباد، خيرپورميرس، ڪوئيٽا، اوڪاڙا ۽ سيالڪوٽ ۾ ٻارن جي صورتحال ڀيانڪ آهي.

سرڪاري دلچسپي جو حال:

وفاقي سرڪار جي ٺاهيل اداري ”نيشنل ڪميشن فار چائلڊ ويلفيئر“ قصور ۾ آيل واقعي کان پوءِ پنجاب يونيورسٽي ۽ پنجاب سرڪار سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي نيت ڏيکاري پر اڃا تائين ڪجهه به نه ٿيو آهي. اداري جي ڊائريڪٽر خالد لطيف چيو ته ” اسان 65 ايم اين ايز سان گڏجي اجلاس ڪيا، بل واقفيت لاءِ پيش ڪيا ته اڪثريت اهو چيو ته ”اوهان اولهه West کان متاثر ٿا لڳو، اسان جو سماج گهڻو بهتر آهي“. ان سان گڏ ٻارن جي اداري ” نيشنل پروٽيڪشن سينٽر“ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد ريحان چيو ته ” حڪمران اهي ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار ئي نه ٿا ٿين. اسان رپورٽون پيش ڪريون ٿا ته هيترا ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، گهٽين ۾ رُلن ٿا، ڪنهن هنڌ ننڍي عمر ۾ ڪم ڪن ٿا ته هو اهي ڳالهيون رڳون ٻُڌن ٿا، باقي ڪجهه ڪونهي“

ٻارن سان زيادتين جا واقعا جيڪي اسان جي سماج جا بنيادي واقعا نه ٿا ليکيا وڃن انهن جي حيثيت ڄڻ ته اضافي واقعن جهڙي آهي. تنهن ڪري پوليس هجي يا سياسي پارٽيون ۽ انهن جا چونڊيل ايوان انهن واقعن تي به ڄڻ ته ”اضافي“ رويو ڏيکاري ڳالهه کي گول مول ڪندا رهيا آهن. جنهن ڪري ملڪ جي بنياد يعني ٻارن سان ٿيندڙ ناحق انهن جي ٻاروتڻ ۾ شامل ٿي انهن کي هڪ وڏي ناحق جي پاسي وٺي وڃي ٿو ۽ سماج ۾ سڌاري جو صورتحال ابتر ٿيندي وڃي ٿي. سماج ۾ ٻارن جي لاءِ اها بي حسي ۽ احساس نه هجڻ واري روئي خلاف سماج جي هر ماڻهوءَ کي پنهنجي زبان کولڻي پوندي ۽ ان باري ۾ پنهنجو پنهنجو موقف ڏيڻو پوندو.

سماجي طور، جيئن ته اهي سمورا واقعا ”واڌو خاني“ ۾ داخل ٿين ٿا، تنهن ڪري سرڪار جي پاران مناسب قانونسازي کان ويندي سرڪاري سرپرستي ۾ انهن واقعن خلاف ايڪشن جا ڪي گهڻا مثال نه ٿا ملن، حالانڪه، انهن واقعن جا سوين مثال سرزمين تي موجود هوندا آهن. تنهنڪري اها ڳالهه بنيادي ۽ سڀ کان اهم آهي ته جيستائين سرڪار ان باري ۾ پنهنجو رويو ”واڌو خاني“ مان ”بنيادي“ پاسي ڏي نه ٿي وڌي، تيستائين اهي ناحق ٿيندا رهندا.

ٻارن سان ٿيندڙ ناحق جا قسم:

ٻارن سان جيڪي ناحق ٿين ٿا، انهن ۾ سڀ کان خطرناڪ ۽ ظاهري طور ڀيانڪ ناحق جنسي ظلم جو آهي، پر ان سان گڏ ٻيا ظلم آهن جيڪي پنهنجي آخري تجزئي ۾ جنسي ڏوهه تي ئي ختم ٿين ٿا پر انهن جو نمونو ابتدا ۾ ايترو ڀيانڪ نه ٿو هجي. انهن مان ڪجهه پيش ڪجن ٿا.

ٻارن جي سمگلنگ:

اسان کي اڳي ٻڌايو ويندو هو ته پاڪستان جي صوبي پنجاب جي شهر گجرات کي دنيا جي اڪثر ملڪن ويزا سهولت لاءِ ان ڪري بلئڪ لسٽ ڪيو آهي ، ڇوته، اتان تمام گهڻا ٻار اسمگلنگ وسيلي دنيا جي ملڪن ۾ پهچايا وڃن ٿا، جتي انهن کان غيرانساني ڪم ورتا وڃن ٿا. پر ڏسندي ڏسندي جڏهن جاڳرتا وڌي ته معلوم ٿيو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۽ سرائڪي پٽي جا ڪئين ٻار سمگل ڪري عرب شهزادن جي اٺ-ڊوڙ ۾ ڪتب آندا وڃن ٿا. جڏهن انهن ڊوڙن ۾ اٺن جي پڇ سان ٻڌل اهي ٻار توازن ۾ رهي نه سگهيا يا دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيا ته پوءِ دنيا کي معلوم ٿيو ته غريبن جا ٻارڙا ڪيئن پنهنجي والدين جي حياتيءَ جي انجڻ چالو رکڻ لاءِ پنهنجي زندگي جي جوت اُجهائين ٿا.

ملڪ ۾ اندروني يا عالمي سمگلنگ روڪڻ جو هڪ به قانون موجود ناهي. رڳو پنجاب سرڪار سال 2017ع ۾ 7067 ٻارن کي واپس آندو آهي جيڪي مختلف شهرن ۽ ملڪن ڏانهن سمگل ڪيا ويا يا ٿي رهيا هئا.

قصور واقعي کان پوءِ جاڳيل سنڌ سرڪار:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هر ضلعي ۾ موجود وومين پوليس اسٽيشن ۾ موجود چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ کي فعال بڻائڻ جون هدايتون ڪيون آهن. ان سان گڏ هيٺيون ڳالهيون پڻ طئي ڪيون ويون آهن. جهڙوڪ:

v    ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ پوليس جي ”سهولت مرڪزن“ ۾ ٻارن جي حفاظت جو يونٽ قائم ڪرڻ

v    ٻارن لاءِ هڪ ڊيٽا مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ

v    ٻارن جي ڏاڍائي وارن ڪيسن لاءِ ڊجيٽل ايف آءِ آر داخل ڪرڻ وارو سسٽم ٺاهڻ

v    ٻارن سان گڏوگڏ سندن والدين کي به  ضروري سکيا ڏيڻ

ٻارن جي بچاءَ لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟

  1. قانونسازي (2) پوليس جي جاڳرتا (3) عوام جي جاڳرتا (4) عدالتن پاران تڪڙو انصاف (5) ٻارن جي نصاب ۾ اخلاقي ذميدارين جا سبق (6) خطرناڪ واقعن خلاف ڇا ڪرڻ گهرجي جا سبق (7) اسپتالن ۾ بنا دير ميڊيڪوليگل ڪيسن جو اُڪلاءُ (8) زيادتي ٿيل ٻارن جا سامان هٿيڪا ڪرڻ (9) ٻارن سان والدين جو دوستاڻو رويو (10) اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم لاءِ خاص اُپاءَ  وٺڻ. (11) ميڊيا کي عالمي اصولن تحت رپورٽنگ ڪرڻ ۽ (12) ٻارن جو نفسياتي علاج پڻ ڪرائڻ (13) سزا کاڌل ڏوهارين کي جيلن اندر نفسياتي سهولتون ڏيڻ

هي به ڏسي سگهو ٿا

نانيءَ جو رتبو ۽ ٻاجهارو ڪردار

عابده گهانگهرو اڪبر جسڪاڻي جي ڪتاب “ بتين واري ناني” سندس زندگيءَ جي يا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے