25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز : ڏوڪري: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي يادگار جوڙائڻ لاءِ پيڙھ جي پٿر رکڻ واري تقريب

ڏوڪري ڀرسان عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي يادگار جوڙائڻ لاءِ سندس اباڻي ڳوٺ ۾ پيڙھ جي پٿر رکڻ واري  تقريب ڪوٺائي وئي ، جنهن ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.

ڳوٺ ٻنڊي ۾ عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي ياد ۾ سنڌ واس فائونڊيشن پاران يادگار جوڙائڻ لاءِ پيڙھ جو پٿر رکڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي  جنهن ۾ ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، ڪميونسٽ اڳواڻ قاضي امداد، نرمل گيانچنداڻي، جڳديش آهوجا،انيتا ديدي ،راحت سعيد، روشن ڪلهوڙي، ڪامريڊ گلاب پيرزادو سميت وڏي انگ ۾  ماڻهن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي يادگار جوڙڻ جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي ياد ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ۾ اسپتال، اسڪول ۽ ميوزيم جوڙي ويندي جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي استعمال هيٺ آيل شيون رکيون وينديون.

ان موقعي تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود، ڪميونسٽ اڳواڻ قاضي امداد، جڳديش آهوجا، شاعره روبينه ابڙو، نرمل داس، تسليم رضوي ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ سوڀو جهڙا ماڻهو صدين ۾ پئدا ٿيندا آهن.

هنن چيو تھ  هن سڄي عمر عملي جدوجهد ۾ گذاري،  هن جي  علمي ادبي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي، هو سنڌي قوم لاءِ هڪ اتساهه ڏيندڙ ڪردار آهي.

 واضح رهي ته ڪامريڊ جي يادگار ، اسپتال ۽ اسڪول جوڙڻ لاءِ مرحوم استاد غلام قادر ساريو جي پوئينرن زمين ڏني آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے