15 اربع , آگسٽ 2018

نوڪيا جو پهريون 4 ڪيمرائون وارو فون

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)نوڪيا گذريل سمارٽ فون جي دنيا ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ قدم رکيو ۽2017 ۾ ڪيترائي ڊيوائز متعارف ڪرايا. جڏهن ته هي ڪمپني 2018 جي شروعات پنهنجي نئي فليگ شپ فون نوڪيا 9 سان ڪري رهي آهي. نوڪيا فون جو لائسنس رکڻ واري ڪمپني ايڇ ايم ڊي گلوبل پاران ايندڙ مهيني موبائل ورلڊ ڪانگريس جي موقعي تي نئيون فون پيش ڪيو وينديون. جڏهن ته 25 فيبروري تي ڪمپني پاران نوڪيا نائن سان گڏ ڪمپني جو هاڻي تائين سب کان سستو فون نوڪيا ون جڏهن ته گذريل سال جو نوڪيا سڪس جو اپ ڊيٽ 2018 ورزن متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي. ائين ته نوڪيا 8 کي هن ڪمپني جو پهريون اينڊرائيڊ فليگ شپ فون قرار ڏنو ويو آهي پر نوڪيا نائن حقيقت ۾ هن جو فيلگ شپ فون ثابت ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نوڪيا 5.5 ان جي فل ايڇ ڊي ڊسپلي سان گڏ هوندو جنهن ۾ ڪوالڪوم اسينپ ڊراگون 835 يا 845 پراسيسر جي موجودگي جو امڪان آهي . اهڙي طرح 4کان 6 جي بي ريم، ڊوئل ڪئيمرا سيٽ اپ جنهن لاءِ ڪمپني ڪارل زئيس آپٽيڪس سان گڏ سهڪار ڪيو آهي. يعني نوڪيا جو پهريون فون هوندو جنهن ۾ چار ڪئيمرا ڏنا پيا وڃن .هن فون کي فرنٽ پنج ميگا پڪسل جا 2 ڊوئل ڪئيمرا هوندا. اهڙي طرح هي ڪمپني جو پهريون فون هوندو جيڪو بيزل ليس ۽ هوم بٽڻ کان محروم هوندو جنهن ۾ فنگرپرنٽ سنسر کي بيڪ تي منتقل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Introduces the new Android operating system "Pie" by Google

گوگل پاران نئون اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم”پائي“ متعارف

ڪراچي(ويب ڊيس) گوگل پنهنجو نئون موبائل آپريٽنگ سسٽم اينڊرائيڊ پي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے