21 پیر , مئی 2018

ڇا توهان پينٽ پائيندي هي خطرناڪ غلطي ڪندا آهيو ؟

سيول (ويب ڊيسڪ) اسان جي شهري زندگي ۾ پينٽ شرٽ هڪ عام لباس آهي  ۽ ان سان گڏ بيلٽ تقريبن لازمي هوندو آهي. جڏهن ته بيلٽ لڳائڻ جا ڪيترائي نقصان به آهن  ۽ عام طور تي هر ڏينهن اسان هزارين ماڻهو بيلٽ پائيندا آهيون. ان وقت اهڙي غلطي به ڪندا جيڪا زندگي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. ۽ اها غلطي بيلٽ کي سختي سان ٻڌڻ آهي. ڏکڻ ڪوريا جي ماهرن پنهنجي جديد جاچ ۾ ثابت ڪيو آهي ته بيلٽ کي سختي سان ٻڌڻ سان پيٽ جا عضون جو ڪم ڪرڻ جو طريقو مٽجي ويندو آهي. پيٽ جي اندر موجود شريانون تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي ۽ اهو دٻاءُ وقت گذرڻ سان گڏ وڌندو ويندو آهي جيڪو پيٽ جي ڪيترن ئي مرضن جو سبب ٿي سگهي ٿو. مارهن جو چوڻ آهي ته چيلهه تي سختي سان بيلٽ پائڻ سان ريڙهه جي هڏي ڪمزور ٿي ويندي آهي ۽ سور پيدا ٿيڻ هو خطرو هوندو آهي. ان لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته پينٽ پائڻ واري ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ خطري وجهڻ نٿا چاهين ته مهرباني کي پينٽ بغير بيلٽ جي پائڻ جي ڪوشش ڪن..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رمضان ۾ روزو رکڻ سان توهان جي جسم تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هر سال ڪروڙين جي انگ ۾ مسلمان سحري کان ويندي سج لهڻ تائين روزو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے