20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: لعلورائنڪ: جيري جي بيماري ۾ مبتلا نوجوان زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو

لعلورائنڪ  ڀرسان   گذريل ڪيتري ئي عرصي کان جيري جي بيماري ۾ مبتلا نوجوان زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو.

نوجوان عرفان چانڊيو جي  غربت سبب پرڏيهھ مان علاج ڪرائڻ جا پئسا نه هجڻ ڪري وارثن پاران سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي اپيل تي پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا تي سوشل ورڪرن طرفان چندو ڪرڻ ۽ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ واري مهم هلائي وئي.

سنڌ حڪومت سردار خان چانڊيو جي سفارش تي 40 لکن جو چيڪ ته عرفان چانڊيو کي ڏنو پر ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود چيڪ پاس نه ٿيو، چيڪ پاس ٿيڻ جي هڪ ڏينهن بعد عرفان چانڊيو فوت ٿي ويو. جڏھن ته ٻن ڏينهن بعد علاج لاءِ هن کي پرڏيهھ وارثن طرفان کڻي وڃڻو هيو.

عرفان چانڊيو جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌڻ شرط سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،  امڙ  کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا. جڏهن تھ نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد لعلورائنڪ ۽ آس پاس ۾ سوڳ ڇائجي وئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bhiryacity: Roof of house fall down, Family members are safe

نيوز: ڀرياسٽي: گهر جي ڇت ڪري پئي، گهر ڀاتي معجزاڻي طور بچي ويا

*ڀرياسٽي جي شھري عاشق ميمڻ جي گھر جي ڇت ڌماڪي سان اوچتو ڪري پئي سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے