22 منگل , مئی 2018

نيوز: عوام جي مسئلن جو حل فقط پيپلز پارٽي وٽ آهي: سيد منتظر عباس رضوي

سيد منتظر عباس رضوي چيو آهي تھ عوام جي مسئلن جو حل فقط پيپلز پارٽي وٽ آهي، مخالفن هميشھ پ پ خلاف پروپگينڊا ڪئي پر کين سدائين ناڪامي نصيب ٿي.

پيپلز پارٽي تعلقي تلھار جي اطلاعات سيڪريٽري سيد منتظر عباس رضوي وارڊ نمبر ھڪ ۾ مرزا گروپ ۽ ٻين سياسي پارٽين سان لاڳاپيل جتوئي ، ۽ سونارا برادري جي ھڪ سئو کان وڌيڪ ماڻھن پاران پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪيو.

 هن چيو تھ پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ پ پ سدائين عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي ، محترمھ شهيد  بينظير ڀٽو   عوامي حقن جو تحفظ ڪندي شهادت جو جام نوش ڪيو.

ان موقعي تي جتوئي برادري جي ھڪ سئو کان وڌيڪ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي اعلان کان پوءِ خطاب ڪندي چيو تھ پيپلز پارٽي حقيقي عوامي ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پارٽي آھي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Wahi pandhi: Villagers: Unrest protest against Rustmann's homeowners

منجهند ٻارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-05-22

*قطري  ڪٽنب سان ڪاروبار ۾ هو پاڻ  شريڪ نه رهيو:نواز شريف *واهي پانڌي: ڳوٺ ڇڊري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے