21 پیر , مئی 2018

رپورٽ |  بي گھر ٻارن جو عالمي ڏينهن

 بي گھر ٻار

ٻار ڪنهن به معاشري جا مستقبل هجن ٿا. مستقبل جا اهي معمار صرف اوهان ۽ اسان جا سڳا ٻار نه پر روڊن رستن ۽ فٽ پاٿن تي ستل ۽ سڄو ڏينهن ڪچرو چونڊڻ وارا ٻار به آهن، جيڪي عالمي طور اسان جي ملڪ کي پزيرائي ڏئي سگھن ٿا. روڊن، فٽپاٿن تي سمهڻ وارا ٻار پنهنجي مرضي سان اها زندگي نه پيا گزارن پر اها سندن مجبوري آهي جيڪا انهن کي روڊن تي سمهاري ٿي. غربت ۽ بي روزگاري شايد انهن جو مقدر بڻجي وئي آهي، جنهن سبب کين آزاري وارا ڏينهن ڏسڻا پون ٿا. پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 15 لک کان به وڌيڪ ٻار بي گھر آهن ، جنهن کي هي زندگي گزارڻ لاءِڪٿي مزدوري ، ڪٿي ڪچرو چونڊڻ ته ڪٿي چوري چڪاري ۽ ٻيا غلط ڪم ڪرڻا پون ٿا. انهن ٻارن ۾ نشي جي استعمال جو شرح پڻ تمام گھڻو آهي، جنهن جو بنيادي سبب گروپ ۾ ٻين بي گھر ٻارن سان گڏجي رهڻ، ان گروپ جي مکيه جي اعطاعت ڪري پنهنجي حفاظت  ڪرڻ،  پنهنجي والدين، ڀاوء ڀينرن کان پري هجڻ ۽ انهن جي يادکي ويسارڻ شامل آهي. نشي جي پورت لاءِ به کين مختلف ڪم ڪرڻا پون ٿا. نشي جاعادي هي ٻار هڪ ڏينهن ۾ ڪٿي مزدوري ڪري، ڪٿي ڪچرو چونڊي ته ڪنهن هنڌ جسم فروشي جهڙي سنگين ڏوه ڪري تقريبن 70 کان 100 روپيا ڏيهاڻي ڪمائيندا آهن، جنهن مان سندن اڌ کان وڌيڪ پئسا نشي جي لت ۾ پورا ٿي وڃن ٿا. پئسن نه هجڻ سبب ماني گھري ڪري کائڻي پوندي آهي ۽ اهي ٻار مختلف هنڌن تان گدا گري ڪري گزارو ڪن ٿا. جتي هي معصوم ٻار  پنهنجن گھرن کي ڇڏي مشڪلات سان ڀريل زندگي گزاري رهيا آهن ته ٻئي طرف انهن معصوم گلڙن جي اکين ۾ مستقبل ۾ هڪ ڪامياب ۽ خوشحال انسان بڻجڻ جو خواب پڻ نظر اچي ٿو. کين پڙهائي لکائي جو شوق ڪنهن عام ٻار کان وڌيڪ آهي، ڪو ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿو ته ڪو فوجي. بي گھر ٻارن لاءِ مختلف اين جي اوز عالمي سطح تي انهن ٻارن جي فلاح ۽ بهبود خاطر ڪيترن ئي ملڪن کان فنڊ وٺن ٿيون، پر اهي فنڊ صرف انهن جي ذاتي آفيسن جي سينگهار ۽ پنهنجي فلاح لاءِ خرچ ٿئي ٿي. انهن ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ۽ حڪومت ملي ڪري ڪافي پروگرامن ۽ منصوبن جي پڻ شروعات ڪئي، پر اهي منصوبا صرف ڪاغذي حد تائين محدود رهيا.  جنهن جو ذري برابر به  فائدو انهن ٻارن کي نه مليو . حڪومتي سرپرستي نه هئڻ سبب اهي ٻار مختلف مافيائن ۽ پيشه ور ڏوهارين جي ور چڙهي پنهنجي ايندڙ زندگي کي جنجال بڻائي ڇڏين ٿا. بي گھر غريب ٻارن جي تعليمي مدد ڪرڻ لاءِ ٻن عام  نوجوان ڀاوء ڀيڻ “شيرين ظفر ۽  حسن ظفر” پاڻ مرادو هڪ اسڪول  قائم ڪيو آهي، جنهن پنهنجي پاڻ ۾ هڪ نئي سوچ کي جنم ڏنو آهي. هي اسڪول “اسٽريٽ اسڪول” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان اسڪول ۾ انهن بي گھر ٻارن کي نه صرف مفت تعليم ڏني وڃي ٿي پر پڙهائي کان پوءِ کاڌو ۽ گذر سفر لاءِ خرچي به روزاني بنياد تي ڏني وڃي ٿي. پاڪستان مان بي گھر ٻارن جي انهن جي والدين ڏانهن واپسي ۽ ٻارن جي فلاح لاءِ ضرورت آهي ته عام عوام هاڻي حڪومتي آسرن  جي سار لهڻ ۽ حڪومت کي ڏوهاري قرار ڏيڻ بدران پاڻ مرادو انهن ٻارن لاءِ هنگامي بنياد  تي پنهنجي حصي طور ڪجه ڪم ڪري ته جيئن انهن ٻارن جي بهتر طور تعليم ٿي سگھي  ۽ انهن ٻارن جي وارثي ٿي سگھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dakhan: The respondent Kornas killed the young man under his house and allegations under charge

صبح يارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-05-21

*ڊکڻ: جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ  پنهنجي گهر واري ۽ الزام هيٺ آيل نوجوان کي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے