21 بدھ , فروری 2018

نوڪيا 3310 هاڻي فور جي ورزن ۾ متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نوڪيا 3310 سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 2017 ۾ هڪ نئي روپ ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي ۽ مقبول به ثابت ٿي هئي ۽ هاڻي ڪمپني هن کي فور جي جي ورزن سان پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نوڪيا فون وڪرو جو لائسنس رکڻ واري ڪپمني ايڇ ايم ڊي گلوبل چين  ۾3310 جي فور جي ورزن سان متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪپمني پاران  هن ورزن جي قيمت جو اعلان  ناهي ڪيو ته جئين اندازو آهي ته  هن کي ايندڙ مهيني موبائل ورلڊ ڪانگريس  جي موقعي تي هن کي پوري دنيا ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن  هن جي ڊيزائن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته گذريل سان جي ماڊل جهڙو ئي آهي پر هن ڀيري هن کي ڪجهه ڊگهو ۽ ٿلهو ڪيو ويو آهي. هي فون 2 رنگن ۾ دستياب هوندو جنهن ۾ 2.4 انچ  ڪلر دسپلي، 2 جي بي ريم ۽ 512 ايم بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان 64 جي بي تائين اضافو ڪري سگهجي ٿو. ايل اي ڊي فليش سان گڏ 2 ميگا پڪسل ڪئميرا، وائي فائي ۽ فور جي ايل ٽي اي سپورٽ، بليو ٽوٿهه، ايف ايم ريڊيو، ايم پري ٿري پلئر ۽ هيڊ فون جيڪ ۽ ٻيون شئون موجود هونديون. جڏهن ته هن فور جي ورزن ماڊل جي بيٽري 1200 ايم اي ايڇ آهي جيڪا لڳاتار 5 ڪلاڪ تائين هلي سگهي ٿي . هن فون ۾ يون او ايس آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي جيڪو اينڊرائيد اوپن سورس پراجيڪٽ جوحصو آهي يعني هن فون ۾ واٽس ايپ، فيس بڪ لائٽ ،يو ٽيوب ۽ ٻين شيون استعمال ڪري سگجهن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

واٽس ايپ جو ڊيليٽ ٿيل پيغام اصل ۾ ختم نه ٿيندو آهي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پيغام پهچائڻ جي سب کان مقبول ايپلي ڪيشن واٽس ايپ ۾ ڊيليٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے