19 اڱارو , جون 2018

انسانن وانگر وهنجندڙ ڪوئي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، ويڊيو ڏسو

ليما (ويب ڊيسڪ) توهان انسانن کي وهنجندي ته ڏٺو هوندو پر جيڪڏهن اسان سوال ڪيون ته ڇا توهان ڪو ڪوئو وهنجندي ڏٺو آهي؟ نه رڳو اهو پر وهنجڻ سان گڏوگڏ ان کي پنهنجي هٿن جي مدد سان جسم تي صابڻ به لڳائيندي ڏٺو اٿَو؟ ته يقينن توهان جو جواب نه هوندو پر اهڙو ئي هڪ عجيب منظر ان وقت ڏسڻ ۾ آيو، جنهن وقت هڪ ڪوئو پنهنجي ٻنهي پيرن تي بيهي ڪچن جي سنڪ اندر وهنجي رهيو هو ۽ ٻنهي هٿن جي مدد سان پنهنجي جسم تي صابڻ به لڳائي رهيو هو. اها حيران ڪندڙ ويڊيو پيرو جي هڪ شهر ۾ رڪارڊ ڪئي وئي. ويڊيو ۾ ڪوئو پنهنجي جسم تي انسان وانگر صابڻ هڻندي نظر اچي رهيو آهي. اها ويڊيو ٺاهيندڙ هڪ ڊي جي جوس آهي، جنهن جو چوڻ هو ته مان جڏهن وهنجڻ لاءِ ويس پئي ته اهو منظر ڏٺم، ان وقت مون کي پنهنجي اکين تي يقين نه پئي آيو. اهو مرحلو 30 سيڪنڊن جو هو ۽ مان چاهيو پئي ته ڪوئو پاڻ کي چڱي طرح صاف ڪري وٺي. ڊي جي جوس اها ويڊيو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ريڊڊٽ“ تي جاري ڪئي آهي، جنهن کي ٻن ڏينهن اندر 37 ملين ماڻهو ڏسي چڪا آهن پر ان ويڊيو بابت ڪيترائي شڪ شبها به ظاهر ڪيا ويا. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته اهو ريمورٽ ڪنٽرول ڪوئو هو، جنهن کي ٻئي هنڌان ڪنٽرول ڪيو پئي ويو، جڏهن ته هڪ يوزر سوال اُٿاريو ته ڪوئن جو پُڇ وڏو هوندو آهي، جنهن کي لڪائڻ ممڪن ناهي، جڏهن ته ويڊيو ۾ ڪوئي جو پُڇ نظر نه پيو اچي. واضح رهي ته اها ويڊيو ايتري ته مشهور ٿي جو ان تي ٽي وي تي پڻ تبصرا ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوان گيم کيڏندي گُهمڻ  ڦِرڻ جي سگهه وڃائي ويٺو: ويڊيو ڏسو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) اڄڪلهه نوجوانن کي گيم کيڏڻ جو ايترو ته شوق ٿي ويو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے