26 اربع , سيپٽمبر 2018

پوليس سان مڪمل سهڪار پيا ڪيون، سيف سٽي پراجيڪٽ گهڻي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي: سهيل انور سيال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سيف سٽي پراجيڪٽ گهڻي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي، منصوبي ۾ مدد لاءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي درخواست ڪئي وئي هئي، ڪوڙن مقابلن ۾ مارجي ويلن کي انصاف ملڻ گهرجي.  خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته سيف سٽي پراجيڪٽ تي الزام لڳايا ويا، جڏهن ته اڃا تائين نيب طرفان سيڪيورٽي ڪليئرنس ناهي ملي، ڇو ته نيب ڪئميرا لڳائڻ تي اعتراض واريو ويو. هن چيو ته آرمي چيف کي پراجيڪٽ ۾ مدد لاءِ درخواست ڪئي هئي، ڇو ته شهر ۾ هڪ لک ڪئميرائون هڻڻ جو منصوبو هو، جيڪو گهڻي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته رائو انوار جي آخري لوڪيش راولپنڊي ايئرپورٽ تي خبر پئي، گهرو کاتي کي خط لکيو ويو آهي ته پوليس جي مدد ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت طرفان پوليس کي مڪمل سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي. سهيل انور سيال چيو ته ٻين شڪي پوليس جا تفصيل به اچي رهيا آهن، جيڪو به ڪوڙن مقابلن ۾ ماريو ويو آهي ان کي انصاف ملڻ گهرجي. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Imran Khan will continue to announce the name of the nation today

وزيراعظم عمران خان جو حڪومتي ڪارڪردگي تي قوم کي خطاب ملتوي ڪيو ويو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے