17 جمعو , آگسٽ 2018

ملالا يوسفزئي ڀارت ۾ مظلوم نياڻين لاءِ اميد جو ڪرڻو

برنالا (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڌيئرن جي تحفظ ۽ سندن تعليم لاءِ هلندڙ مهم ۾ پاڪستان جي بهادر شاگردياڻي ملالا يوسفزئي جي تصوير به لڳائي وئي آهن، جنهن جو مقصد ڀارت ۾ عورتن جي ترقي ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ آهي. سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ ملالا يوسف زئي جو شڪار اهڙين ڇوڪرين ۾ ٿيندو آهي، جن گهٽ عمر باوجود عورتن جي حقن ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ سڄي دنيا ۾ آواز اٿاريو، آمريڪا سميت دنيا جا ٻيا وڏا ملڪ ملالا جي قربانين ۽ سندس خدمتن جو اعتراف ڪن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو کيس ڪينيڊين حڪومت اعزازي شهريت سان نوازيو آهي. ملالا جو پيغام تيزيءَ سان سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ پڻ ڌيئرن جي حقن لاءِ هلائي ويندڙ مهم ۾ پاڪستان جي بهادر نياڻي کي رول ماڊل طور پيش ڪيو پيو وڃي.

ڀارتي رياست پنجاب جي ضلعي برنالا ۾ حڪومتي سطح تي هلائي ويندڙ ”ڌيءُ بچايو، ڌيءُ پڙهايو“ مهم جي سلسلي ۾ مختلف ناليوارين شخصيتن سميت ملالا يوسف زئي کي به شامل ڪيو ويو آهي. مهم جي حوالي سان پينٽنگز ۾ ملالا يوسف زئي جي تصوير ٻين 5 مشهور شخصيتن سان گڏ لڳائي وئي آهي. ڀِت تي لڳايل پينٽنگز ۾ پهرين تصوير لتا منگيشڪر جي آهي، جنهن شوبز انڊسٽريءَ ۾ خدمتن عيوض ڀارتي رتن ۽ دادا صاحب ڦالڪي جهڙا ايوارڊ کٽيا. ٻي تصوير امريتا پريتم جي آهي، جنهن سئو کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن جو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ٽين تصوير ڀارت ڄائي آمريڪي عورت خلا باز ڪلپنا چاولا جي آهي، جيڪا 2003ع ۾ ناسا طرفان خلائي مشن تي وئي هئي، چوٿين تصوير ڀارتي ايٿليٽ پي ٽي اوشا جي آهي، جنهن 100، 200 ۽ 400 ميٽر ريس ۾ ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪيا. پنجين تصوير دنيا جي پهرين عورت باڪسر ميري ڪوم جي آهي، جنهن عالمي سطح تي 6 باڪسنگ چيمپيئن شپس مان 5 سونا ٻلا کٽيا. ڇهين تصوير پاڪستاني نياڻي ملالا يوسفزئي جي آهي، جيڪا دنيا لاءِ اڀرندڙ اميد جو ستارو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Interroot refuses from handling the hand; The case was taken against the Muslim woman

هٿ نه ملائڻ تان انٽرويو رد ڪرڻ وارو معاملو؛  مسلم عورت ڪمپني خلاف ڪيس کٽي ورتو

سوئيڊن(ويب ڊيسڪ) هڪ مسلمان عورت هٿ نه ملائڻ تي نوڪري وارو انٽرويو رد ڪندڙ ڪمپني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے