21 بدھ , فروری 2018

رپورٽ : ميرپور خاص : بااثر جي دهشت جو نشانو بڻيل نياڻي انصاف جي اوسئڙي ۾ !!!

ميرپورخاص: بااثرن جي دهشت جو نشانو بڻيل نياڻي انصاف جي اوسيئڙي ۾

رپورٽ – هاشم شر

*ميرپورخاص ۾  ظلم جو نشانو بڻيل نياڻي  کي سندس والد انصاف لاءِ ڊسرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

جهڏي جي ڳوٺ غلام لغاري ۾ چئن ڄڻن مبينا طور 13 ورهين جي نينگري کي اغو ڪري ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ وڊيو انٽر نيٽ تي نشر ڪئي وئي هئي، پر افسوس ته مسڪين نينگري سان هيڏو هاڃو ٿيڻ باوجود نه ئي قانون حرڪت ۾ آيو ۽ نه ئي ڪنهن ساڃاهه وند ڏر انصاف لاءِ ڪا ڪوڪ ڪئي

 انصاف جا سڀ گس بند ٿيندي ڏسي نينگريءَ کي سندس والد انصاف لاءِ ميرپور خاص جي عدالت ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  اڳيان پيش ڪيو.

جهڏو پوليس پاران وحشي جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ تي جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ترت جوابدارن خلاف  ايف آءِ آر داخل ڪري ايس ايڇ او جهڏو خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ان موقعي تي نينگري ج والد عدالت کي ٻڌايو ته فريد، سجاول ، احمد ، رامچند ، عامر ۽ محمد خان سندس نياڻي کي 22 جنوري تي اغوا ڪري حوس جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وڊيو انٽر نيٽ تي نشر ڪئي.

ان موقعي تي ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل عوامي آواز ٽي وي کي ٻڌايو ته جهڏو پوليس ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو جنهن ڪري عدالت جو در کڙڪايو جنهن انصاف فراهم ڪيو آهي.

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جنسي طور حراسان ڪرڻ ۽نشانو بڻائڻ جا واقعا تيزيءِ سان وڌي رهيا آهن، سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين سنڌ جي ايماندار آءِ جي طور سڃاتي ويندڙ اي ڊي خواجا کي نماڻي گذراش ڪئي آهي ته هو ذاتي دلچسپي وٺ صوفين جي ديس تي تيزيءَ سان وڌندڙ ان ناسور مان سنڌ واسين جي جان آجي ڪرائي

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجھند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-01-21

* پاڪستان تي دهشتگردي جو ليبل لڳائيندڙ آمريڪي ڪوشش ناڪام ٿي وئي:خواجه آصف * نقيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے