23 آچر , سيپٽمبر 2018

سڄي حياتي نااهل ڪيو وڃي پوءِ به عوام سان رشتو نه ٽٽندو: نواز شريف

جڙانوالا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 5 سال ڇا پر سڄي حياتيءَ لاءِ به نااهل ڪري ڇڏيو، پوءِ به عوام سان منهنجو رشتو نه ٽُٽندو. جڙانوالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عوام منهنجي نااهليءَ جي فيصلي کي نٿو مڃي، ڇا پٽ کان پگهار نه وٺڻ به ڪو ڏوهه آهي؟. هن چيو ته لاهور ۾ گڏيل اپوزيشن جي احتجاجي جلسي ۾ ڪرسيون خالي هيون ۽ اڄ جڙانوالا ۾ عوام ۾ سمنڊ موجود آهي، مون کي عوام وزيراعظم چونڊيو، ڇا ٻيو ڪير ڪڍي سگهي ٿو؟ اسان قانون ٺاهيو ته هي ماڻهو ڪيئن ختم ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته مون کي 5 سال ڇا پر سڄي زندگي نااهل ڪيو وڃي، پوءِ به عوام سان رشتو نه ٽٽندو، هي معاملو هاڻ ائين نه هلندو پر پنهنجي انتها تائين پهچندو، عوام جيڪو فيصلو ڪندو اهو منظور هوندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نواز شريف جڏهن به واعدو ڪندو آهي ته پورو ڪندو آهي، مان واعدو ڪيو هو پر 5 سالن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪندس پر 4 سالن کانپوءِ مون کي ڪڍيو ويو. نواز شريف چيو ته پاڪستان ايشين ٽائيگر بڻجي رهيو هو ته مشرف مارشل لاءِ هنئي، هاڻ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو ته مون کي عدالتي فيصلي ذريعي گهر موڪليو ويو، منهنجي دور ۾ ڊرون حملا بند ٿي ويا هئا، بارڪ اوباما کي چئي ڇڏيو هو ته پاڪتسان هڪ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ آهي، ڪو به ڊرون حملو برداشت نه ڪنداسين پر اڄ وري ملڪ ۾ افراتفري پکڙجي رهي آهي ۽ ڊرون حملا ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ عدل هاڻ رڪجڻ واري ناهي، ان تحريڪ ذريعي سستو، کَرو ۽ دَر تي انصاف يقيني بڻائينداسين. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے