23 اربع , مئي 2018

انڊونيشيا جو صدر 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جو صدر جوڪو ودودو 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. انڊونيشيا جو صدر جوڪو ودودو ۽ خاتون اول ارينه پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتا جتي نورخان ايئر بيس تي صدر ممنون حسين معزز مهمانن جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي انڊونيشيائي صدر کي 21 توپن جي سلامي به ڏني وئي. انڊونيشيا جي صدر سان گڏ وزيرن ۽ ڪاروباري شخصيت جو هڪ وڏو وفد به پاڪستان آيو آهي جڏهن ته صدر جوڪو ودودو پارليامينت جي گڏيل اجلاس کي به خطاب ڪندو. پاڪستان حڪومت ان موقعي تي انڊونيشيا جي جيل ۾ قيد ۽ جيري جي ڪينسر ۾ مبتلا پاڪستاني شهري ذوالفقار علي جو معاملو به اٿاريندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

PTI dismissed more than 2 entries for PML-N

تحريڪ انصاف مسلم ليگ ن جون وڌيڪ 2 وڪيٽون ڪيرائي ڇڏيون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جو ايم اين اي عاشق گوپانگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے