21 بدھ , فروری 2018

نيوز | بدين سول اسپتال جي ملازم  جو سيڪيورٽي انچارج خلاف احتجاج

بدين سول اسپتال جي ڊائلسز سينٽر جي ملازم پاران اسپتال جي سيڪيورٽي انچار جي ڏاڍين خلاف احتجاج ڪيو.

اسپتال جي پمپ آپريٽر علي نواز خاصخيلي ايوان صحات پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسپتال جي سيڪيورٽي گارڊن پاران غسل لاءِ پاڻي گهريو، جن کي پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي سيڪيورٽي انچارج مٿس پستول تاڻي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

سندس چوڻ هو ته اسپتال ۾ پاڻي جي کوٽ هئڻ سبب هن سيڪيورٽي گارڊ کي پاڻي ڏيڻ انڪار ڪيو هو.

متاثر جو چوڻ هو ته هن سيڪيورٽي انچارج ڏاڍ خلاف اسپتال جي انچارج کي شڪايت ڪئي آهي، پر ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي.

هن چيو ته اسپتال انتظاميا کي شڪايت ڪرڻ تان سيڪيورٽي انچارج مٿس ڏمرجي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪري رهيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات نائين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-20

نواز شريف پارليامينيٽ کي عدليا خلاف استعمال ڪري رهيو آهي: عمران خان سنڌ حڪومت پي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے