21 بدھ , فروری 2018

نيوز | ساڃاهه وندن پاران ميهڙ ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 3 ڄڻن جي قتل خلاف ريلي

سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران ميهڙ ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 3 ڄڻن جي قتل خلاف ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ اديبن، دانشورن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن نامياري دانشور جامي چانڊئي، حڪيم زنگيجي، اشوٿاما ۽ پنهل ساريي چيو ته سنڌ حڪومت سڄي سنڌ سردار ۽ ڀوتارن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.

اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ سردارن کي کلي چوٽ ڏني وئي آهي. جيڪي سر عام ماڻهو مارائي سنڌ کي قبائلي جهيڙن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته سرڪاري سرپرستي ۾ جرڳا پيا ٿين سنڌ ۾ بي گناهه رت وهايو پيو وڃي.

سندن چوڻ هو ته  سنڌ حڪومت طرفان قاتلن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني بدران قبائلي سردارن ۽ ڪرپٽ ماڻهن جي حڪومت آهي.

 هنن چيو ته ظالم قاتل آزاد آهن ۽ رياست انهن کي سرڪاري پروٽول ڏئي ماڻهو مارڻ جو لائيسنسن ڏئي ڇڏيو آهي .

سنڌ جي ڏات ڌڻين ۽ قلمڪارن اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي ته معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجھند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-01-21

* پاڪستان تي دهشتگردي جو ليبل لڳائيندڙ آمريڪي ڪوشش ناڪام ٿي وئي:خواجه آصف * نقيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے