19 پیر , فروری 2018

زينب قتل ڪيس اي ٽي سي موڪليو ويندو: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته زينب جو قاتل پڪڙيو ويو آهي، جنهن جو نالو عمران ۽ سندس عمر 24 سال آهي،  اهو سيريل ڪلر آهي، جنهن جو ڪيس اي ٽي سي موڪليو ويندو، قاتل جي گرفتاري محنت ۽ اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي. لاهور ۾ زينب جي پيءُ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته قوم جي ڌيءُ جي قتل تي هر اک آلي آهي، قاتل جي گرفتاري لاءِ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) قصور ۾ ڏينهن رات ڪم ڪيو، جڏهن ته پنجاب فارنزڪ ليب به جاچ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته سول ۽ ملٽري ايجنسين هڪ ٽيم بڻجي محنت ڪئي، سول انتظاميا، سياسي ليڊر شپ ۽ ميڊيا به رات ڏينهن محنت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ زينب جي قاتل کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته دل جي گهراين سان ڪابينا ڪميٽي جا ٿورا مڃان ٿو، 1150 ڊي اين اي جي پروفائنلگ کانپوءِ اهو حيوان سامهون آيو، ڊي اين اي جي سئو سيڪڙو ميچنگ کانپوءِ ڏوهاري کي سوگهو ڪيو ويو، جوابدار جي پولي گرام ٽيسٽ به ڪئي وئي، جنهن ۾ هن سڀني ڏوهن جو اعتراف ڪيو. شهباز شريف چيو ته زينب جي پيءُ اڳيان اچڻ مون لاءِ سولو ڪم نه ڪيو، اسان سڀ متاثر خاندان سان ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، جوابدار جي گرفتاريءَ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو، هاڻ ان کي انجام تائين پهچائڻ جو وارو آهي، قتل جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ويندو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست آهي ته ڪيس ڏينهن رات هلڻ گهرجي، منهنجو وَس هلي ته ان وحشي کي چوڪ تي لڙڪائي ڦاهي ڏيان پر اسان جا هٿ قانون ۽ آئين سان ٻڌل آهن، جيڪڏهن عدالت حڪم ڏنو ته عمران کي چوڪ تي سرعام ڦاهي ڏني ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن …