21 بدھ , فروری 2018

نقيب قتل ڪيس: رائو انوار خلاف ڪيس داخل، نالو اي سي ايل ۾ شامل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن دوران پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله محسود جي اغوا ۽ قتل جي مقدمو معطل ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ سندس ٽيم خلاف داخل ڪيو ويو جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي هدايت تي رائو انوار جو نالو پهرين ئي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب مقدمو نقيب الله جي پيءُ جي مدعيت ۾ سچل ٿاڻي ملير داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ نقيب الله محسود جي اغوا جي تاريخ 3 جنوري لکي وئي آهي.  جاچ ڪميٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نقيب الله جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اغوا، قتل، سازش دهشتگردي جي خاتمي وارا قلم به شامل ڪيا ويا آهن. مقدمي ۾ رائو انوار ۽ سنسد ٽيم کي نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته نقيب جي پيءُ جو بيان به داخل ڪيو ويو آهي. نقيب الله جي والد بيان ۾ چيو ته 9،8 سادن ڪپڙن ۾ اهلڪار پاڻ سان گڏ وٺي، اسان گهڻي ڳولها ڪئي پر نقيب محسود نه مليو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے