22 منگل , مئی 2018

تحريڪ انصاف جي سي اي سي استعيفائن تي فيصلي جو اختيار عمران خان جي حوالي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي استعيفيٰ واري معاملن تي فيصلي جو اختيار عمران خان حوالي ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي خانگي هوٽل ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي سينٽرل ايگزيڪتو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب سي اي سي استعيفائن واري معاملي تي فيصلي جو اختيار پارٽي چيئرمين عمران خان جي حوالي ڪري ڇڏيو. سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبرن جو چوڻ هو ته استعيفيٰ ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙن واري معاملي تي عمران خان جيڪو به فيصلو ڪندو ان جي حمايت ڪئي ويندي. ذريعن ٻڌايو ته سي اي سي جي اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽن جي ورڇ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون جڏهن ته ڪميٽي پارٽي جي رڪنيت سازي مڪمل ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The PML-N's former MPA noman Naeem refused to be present in the NAB

مسل ليگ ن جي اڳوڻي ايم پي اي ميان نعمان جو نيب ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي ميان نعمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے