19 پیر , فروری 2018

جڏهن نواز شريف ڏکيائي ۾ هوندو آهي ته ڪنٽرول لائين تي ڀارت جي فائرنگ شروع ٿي ويندي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نقيب ۽ قصور واقعن ۾ نظر اچي رهيو آهي ته پوليس ڪرپٽ آهي، ڪي پي ڪي ۾ عوام جو پوليس تي اعتماد آهي، ختم نبوت جي حلف نامي ۾ تبديلي ڇو ڪئي وئي، ذميوار کي ظاهر ڪيو وڃي ها، اهو معاملو ختم ناهي ٿيو، عوام ان کي نه وساريندو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته فاٽا ۾ پراڻو نظام ختم ٿي ويو آهي، اتي خال موجود آهي، جيڪو موجود رهيو ته دهشتگردي جو خدشو آهي، خيبر پختونخواهه کي فاٽا ۾ ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ماهرن جون ٽيمون جوڙي رهيا آهيون، ڪمند جي هارين کي مقرر اگهه ڏنو وڃي. سندس چوڻ هو ته جڏهن نواز شريف ڏکيائي ۾ هوندو آهي ته ڪنٽرول لائين تي ڀارت جي فائرنگ شروع ٿي ويندي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے