27 آچر , مئي 2018

رائو انوار کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيا آهيون، قانون کان ڪو به مٿڀرو ناهي: سيال

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ رائو انوار کي بچائڻ جي ڪوششن جي تاثر کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسرن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته  رائو انوار جي آصف زرداري سان واسطي جو اهو مطلب ناهي ته سندس دفاع ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪنهن کي ڪٿي به اجازت ناهي ته بيگناهه کي ماريو وڃي. سندس چوڻ هو ته نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي جي ڪم مان مطمئن آهيون، جاچ درست رخ ۾ وڃي رهي آهي. سهيل انور سيال چيو ته رائو انوار کي جاچ ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ گهرجي ها، ميڊيا رپورٽس موجب هو پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن چيو ته قانون کان ڪير به مٿڀرو ناهي، نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ کانپوءِ باقاعده ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.  سندس چوڻ هو ته رائو انوار اسلام آباد مان پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو سندس معاملو ناهي، هوائي اڏن جو انتظام وفاقي سرڪار وٽ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision of the caretaker Prime Minister will now be a parliamentary committee: Khawaja Asif

نگران وزيراعظم جو فيصلو هاڻي پارلياماني ڪميٽي ڪندي: خواجه آصف

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عدم برداشت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے