21 پیر , مئی 2018

اين آر او چور ڪندا آهن، ووٽ منهنجي يا شهباز جي نه نواز شريف جي تصوير تي ملندا: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف جي تصوير تي ئي ووٽ ملندا، شهباز يا منهنجي تصوير سان ووٽ نه ملندا، ڪمزور جج مقرر ڪيو ويو ته نتيجو سڀني کي ڀوڳڻو پوندو.اين آر او جو سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هنيو، هن اهڙن خيالن جو اظهار پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پي آر اي جي آجيان ڪندي چيو ته اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ پارليامينٽ جي ڊائري اڃا به اسان جي تڪن ۾ وڏو اثر رکي ٿي ۽ وڏي دلچسپي سان پڙهي وڃي ٿي. سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ ڳالهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي ماڻهو پارليامينٽ تي لعنت وجهي رهيا آهن انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ هر سياسي پارٽي پنهنجي طور تي ان ڳالهه لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته اها ڪهڙي طرح ايندڙ چونڊن ۾ عوام کي پنهنجي طرف راغب ڪري سگهي. هن چيو ته اين آر او جو سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هينو، اسان صاف شفاف انداز ۾ حڪومتي نظام هلايو آهي ان لاءِ اسان کي ڪنهن اين آر او جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته پارليامينٽ کي ڪو خطرو نه آهي. قومي اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ ۾ رڳو چار مهينا باقي رهجي ويا آهن. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي حوالي سان فيصلو قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ گڏيل مشاورت سان ڪندا. وزيراعظم چيو ته آئون سازشن تي يقين نه ٿو رکان، منهنجي خلاف ڪا سازش نه ٿي رهي آهي. عمران خان ۽ زرداري صاحب طاهرالقادري جي اسٽيج تي ويٺل آهن. جيڪي ماڻهو مظاهرا ڪري رهيا آهن انهن جي مستقبل جو فيصلو پاڪستان جو عوام ئي ڪري سگهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايل پي جي جي ڪوٽا اڳ ۾ سياسي پارٽين ۾ مفت ورهائي ويندي هئي پر اسان جي حڪومت ۾ اها ئي ڪوٽا هن وقت 7 هزار رپيا في ٽن جي حساب ڏني پئي وڃي. ان ڳالهه مان اندازو هڻي سگهجي ٿو ته ڪيترو روينيو گڏ ٿي رهيو آهي. ختم نبوت صه جي حوالي سان هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جو موقف وڏو واضح آهي ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت بيڪ فٽ تي نه آهي. راجا ظفرالحق جي رپورٽ مڪمل جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي جاري ڪئي ويندي. سينيٽ ۾ جڏهن اهو بل منظور ٿي رهيو هو ان وقت مسلم ليگ (ن) جنهن ڳالهه جي نشاندهي ڪئي هئي جيڪڏهن اها تسليم ڪئي وڃي ها ته نوبت هيستائين نه پهچي ها. هاڻي فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف جو فوٽو کڻي ئي وينداسين. آمراڻي دور ۾ ملڪ کي جنگ ۾ وجهندڙ دبئي ۽ لنڊن ۾ ويٺل آهن ۽ اتي انهن جا فليٽ موجود آهن جڏهن ته سياستدانن کي نئب ۽ عدالتن ۾ گهسيٽيو پيو وڃي. نائين اليون جي وقت ملڪ ۾ چونڊيل حڪومت هجي ها ته اڄ حالتون مختلف هجن ها. تاريخ گواهه آهي ته ان وقت جي چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي برطانوي وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر ٻه ٻه ڪلاڪ فون ڪيا پر هن اهو ئي ڪيو جيڪو بهترين قومي مفاد ۾ هو. سي پيڪ منصوبي کي ايسٽ انڊيا ڪمپني سان ڀيٽ ڏيڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ننڍي کنڊ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني آڻڻ کان اڳ هن فوج ۽ جهازن سان اڳ ۾ ان کي فتح ڪيو، ان حوالي سان اسان کي تاريخ پڙهڻ گهرجي. سي پيڪ کي ايسٽ انڊيا ڪمپني سان ڀيٽ ڏيڻ قطعي صحيح نه آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو جواز بڻجي ٿو. ان حوالي سان اسان کي تاريخ پڙهڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان ان سيڙپڪاري مان فائدو نه کڻنداسين ته چين اها سيڙپڪاري دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪندو. ان کان اڳ پي آر اي جي صدر قربان بلوچ وزيراعظم کي پي آر اي جي قيام ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پي آر اي پاران يادگاري شيلڊ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ جمهوريت جي گمنام هيروز جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق، جماعت اسلامي جو اڳواڻ سراج الحق، سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر نهال هاشمي، مولانا تنويرالحق ٿانوي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان به حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پشاور (م ڊ) فاٽا بل جي معاملي تي مسلم ليگ ن سان اختلاف پيدا ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے