18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

 زينب جي اغوا بعد پوليس پنجن ڏينهن تان ڪجهه نه ڪيو: والد محمد امين 

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب پوليس جي ڊي آءِ جي ابوبڪر خدا بخش زينب قتل ڪيس ۾ گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته زنيب سميت 6 نينگرين جي قتل ۾ هڪ ئي جوابدار ملوث آهي.  سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ مقتول زينب جو والد محمد امين ۽ پنجاب پوليس جو ڊي آءِ جي خدا بخش به شرڪت ڪئي. محمد امين ٻڌايو ته جنهن ڏينهن نينگري اغوا ٿي تنهن رات اسان ريسڪيو 15 تي ڪال ڪئي، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻارڙي کي ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، منهنجي نياڻي وٽ تنهن ڏينهن پئسا به هئا. هن چيو ته ساڳي ڏينهن منهنجو ڀائيٽيو عثمان به نياڻي سان گڏ سيپارو پڙهڻ ويو هو، اسان پنهنجي فيملي جي سڀ کان پهرين ڊي اين اي ڪرائي.  سندس چوڻ هو ته جڏهن لاش مليو تنهن وقت کوجي ڪتي ذريعي جوابدار جي سڃاڻپ ٿي پئي سگهي. زينب جي والد چيو ته پوليس طرفان ڪجهه ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جون شڪايتون به ملي رهيون آهن، اسان جوابدار کي اکين سان سزا ملندي ڏسڻ چاهيون ٿا.  ڊي آءِ جي ابوبڪر خدا بخش ٻڌايو ته ٻارڙي جو لاش هڪ پوليس ڪانسٽيبل صابر حسين ئي ڳوليو، سال 2015ع کان هن وقت تائين اهڙا 11 واقعا ٿي چڪا آهن، آڪٽوبر کان هن وقت تائين 696 ڊي اين اي ورتا ويا، 692 ماڻهن کان جاچ ڪئي، اسان کي 125 ماڻهن جي ڊي ايني رزلٽ جو انتظار آهي. هن چيو ته اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 6 ٻارڙين جي قتل ۾ هڪ ئي جوابدار ملوث آهي. سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته اسان حڪومت کي تجويز ڏينداسين ته اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي ڦاهي ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے