17 جمعو , آگسٽ 2018

نئيون ٺهندڙ فلمون پرڏيهي ملڪن ۾ پيش ڪري سگهجن ٿيون: ماهرا خان

لاهور(ويب ڊيس) اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هاڻي اهڙيون فلمون ٺهڻ شروع ٿي ويو آهن جنهن کي اسان ٻين ملڪن ۾ به نمائش لاءِ پيش ڪري سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن ان فلمن کي ان ملڪن ۾ اتان  جي زبانن ۾ پيش ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ته اهو سون تي سڳو هوندو.ماهرا خان چيو ته اسان پاڪستاني فلم اندسٽري جي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڊلنگ لاءِ پرڏيهي ملڪن ۾ قائم پنهنجي سفارتخان کان به مدد وٺڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن حڪومت چاهي ته مان ان سلسلي ۾ انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اداڪارا چيو ته گهڻي عرصي کان پوءِ  اسان جون هتي معياري فلمون ٺهي رهيون آهن، ۽ انهن جي نمائش لاءِ غير ملڪي مارڪيٽس تلاش ڪرڻ گهرجي،  هن چيو ته هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ کان سٺو آهي ته اتحاد جي پاليسي اختيار ڪئي ته اسان يقيني طور تي ڪاميابيون حاصل ڪري سگهون ٿا. اسان کي اهڙيون فلمون تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ اسان دنيا کي ٻڌائي سگهون ته پاڪستان دنيا جي مشڪلات جو سبب ناهي پر اسان دهشتگردي جو شڪار آهيون  ۽ اسان جي قوم ان لاءِ بي پناهه قربانيون ڏئي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The head of the head and the crown Prince Shujaa, Nasrat Fateh Ali Khan, was defeated by fans since 21 years.

سُر ۽ سنگيت جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) شهنشاهه قوال ۽ موسيقي جي دنيا جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے