23 اربع , مئي 2018

پنجاب يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۾ جهيڙو، پوليس جي فائرنگ ۽ شيلنگ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب يونيورسٽي ۾ پختون شاگرد يونين ۽ اسلامي جمعيت طلبه ۾ ٽڪراءَ کانپوءِ مڇريل شاگردن اليڪٽريڪل ڊپارٽمينٽ کي باهه ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پوليس ۽ شاگردن ۾ چڪرين سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. لاهور ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ جي انجنيئرنگ گرائونڊ ۾ اسلامي جمعيت طلبه جو پائينير فيسٽيول ٿيڻو هو جنهن تي پختون بلوچ طلبه يونين حملو ڪيو. پختون بلوچ شاگرد يونين صبح 4 وڳي 45 منٽن تي اوندهه جو فائدو وٺندي ڪاليج آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ تي حملو ڪري هڪ ڪمري کي باهه ڏئي ڇڏي. مڇريل شاگردن ڊپارٽمينٽ جي باهه بيٺل گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ پنجن موٽرسائيڪلن کي به نقصان پهچايو.  پوليس موقعي تي پهچي ٻنهي تنظيمن ي مڇريل شاگردن کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. ڇڪتاڻ سبب اڃا به پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي. ميڊيا سميت ڪنهن به اڻ لاڳاپيل شخص کي پنجاب يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلاس ملتوي ڪيا ويا آهن.  ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پوليس پهتي ته سندن شاگردن سان چڪريون شروع ٿي ويون. شاگردن طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو جنهن ڪري علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پوليس مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي. پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر ذڪريا جو چوڻ آهي ته اڪثر ٻنهي تنظيمن ۾ جهيڙا ٿيندا رهندا آهن، واقعي جي جاچ ٿي رهي آهي، ڪنهن تي الزام نه ٿو هڻي سگهجي. هن چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ اڄ آپريشن ڪلين اپ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision of the PPP not to be presented for the next financial year

ڪي پي جو حڪومت ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپخونخواهه حڪومت ايندڙ مالي سال 19-2018 جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے