22 منگل , مئی 2018

انڪائونٽر اسپيشلسٽ رائو انوار روپوش ٿي ويو، جاچ ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ قبائلي نوجوان نقيب الله محسود جي عدالت کان مٿڀري قتل ۾ ملوث پوليس آفيسر رائو انوار پنهنجي موبائيل فون بند ڪري روپوش ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن سان به رابطو نه ڪري رهيو آهي. نقيب الله محسود جي شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي هڪ دفعو ٻيهر رائو انوار کي اڄ طلب ڪيو پر هو پيش نه ٿي سگهيو.  ڪميٽي موجب رائو انوار کي ثابت ڪرڻو پوندو ته نقيب الله دهشتگرد هو، ڪيس ۾ رائو انوار جي جوابدار طور نامزدگي جو فيصلو نقيب الله جي گهر وارن کي ڪرڻو آهي، جاچ ڪميٽي جي ميمبر سلطان خواجه چيو ته رائو انوار جاچ ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه رائو انوار جي گهر تي ڇاپي جي ترديد ڪئي آهي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جو چوڻ آهي ته رائو انوار جي گهر تي ڇاپو نه هنيو ويو آهي ۽ نه وري ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ايس ايس پي رائو انوار جاچ ڪميٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته جاچ ڪميٽي جي ميمبر ثناءَ الله عباسي ۽ سلطان خواجه تي مون کي اعتبار ناهي، چار ڀيرا رابطي باوجود جاچ ڪميٽي ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نه گهرايو ويو آهي. هن چيو ته پوليس مقابلو ايس ايڇ او ڪيو جاچ منهنجي خلاف ٿي رهي آهي، حقيقتون ڄاڻڻ کانسواءِ مون کي بدنام ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته مان آءِ جي سنڌ جي آفيس ۾ پيش ٿيڻ بابت غور ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪي پي ۾ نگران وڏي وزير تي خاموشي اڄ ختم ٿي ويندي: شوڪت يوسفزئي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي ترجمان شوڪت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے