24 ہفتہ , فروری 2018

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس: مسلم ليگ ن پي ٽي آءِ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ۾ مسلم ليگ ن خلاف مبينا پرڏيهي فنڊنگ جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران مسلم ليگ ن تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ بابت الزامن تي جواب جمع ڪرايو. ن ليگ پارٽي اڪائونٽس بابت 10 سالن جو رڪارڊ جمع ڪرايو ۽ جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار متاثر ڌر ناهي، هو ان معاملي تي درخواست نه ٿو ڏئي سگهي، درخواستگذار پراڻي قانون جو حوالو ڏنو جيڪو ختم ٿي چڪو آهي. جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مسلم ليگ ن 2002ع کان پارٽي تفصيل جمع ڪرائي رهي آهي، هڪ سياسي پارٽي طرفان داخل ڪيل درخواست هٿ ٺوڪي ۽ بي بنياد آهي، درخواستگذار جا سياسي مقصد آهن تنهن ڪري درخواست خارج ڪئي وڃي. ن ليگ جي جواب تي تحريڪ انصاف جي وڪيل اعتراض ڪيو ته مسلم ليگ ن جواب ۾ راجا ظفر الحق جو حلفي بيان جمع ڪرايو آهي، راجا ظفر الحق کي پاور آف اٽارني ڏئي بيان حلفي لڳائي سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن درخواست تي ٻڌڻي پهرين فيبروري تائين ملتوي ڪندي ن ليگ کي راجا ظفر الحق جو پاور آف اٽارني جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے