24 ہفتہ , فروری 2018

رائو انوار لاءِ ايئرپورٽ پروٽوڪول تي مقرر ستن اهلڪارن خلاف به ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار لاءِ ايئرپورٽ پروٽوڪول ڊيوٽي تي مقرر ٿيل ستن اهلڪارن خلاف ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رائو انوار لاءِ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پروٽوڪول ڊيوٽي ڪندڙ ستن اهلڪارن کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وي آءِ پي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. رائو انوار لاءِ ڪم ڪندڙ اهلڪارن جا ايئرپورٽ پاسز رد ڪري نوان اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. سب انسپيڪٽر سرفراز، منير، غفار، مظهر، شهزاد، ٽڪا خان ۽ ملڪ امير کي طلب ڪيو ويندو، حساس ادارا ستن ئي اهلڪارن جا دستاويز تيار ڪري جاچ ٽيم کي فراهم ڪندا. اهلڪارن تي غير قانوني نموني روزاني لکين رپيه ڪمائڻ جو الزام آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے