21 بدھ , فروری 2018

عوام جا محافظ ئي عوام جا قاتل ٿي ويا

سارنگ پيرزادو

انسان جنهن وقت ۾ شعور ماڻڻ لڳو ته هن اها ڳالهه محسوس ڪئي ته هر معاشري اندر ڪجهھ اهڙا ماڻهو ٿين ٿا جيڪي ڪنهن کي نقصان پهچائڻ يا ڪنهن کي ڌوڪو ڏيڻ کي پنهنجو ڪم سمجهندا آهن هر معاشري هر سماج ۾ جتي اخلاق ادب ۽ تهذيب پروان چڙهندي آهي ان سان گڏوگڏ هر معاشري اندر ڪي ڏوھ به ڏينهون ڏينهن وڌندا آهن ۽ معاشرتي ترقي سان گڏ ڏوهاري به نوان نوان طريقا ايجاد ڪري ڏوهه ڪندا آهن مطلب ته ڏوهن اندر به ترقي ٿيندي آهي جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ  انٽرنيٽ تي ماڻهن جا ڪريڊٽ ڪارڊ هيڪ ٿي ٿا وڃن انهن جا پاسورڊ چوري ٿي وڃن ٿا ۽ اسان جي اي ٽي ايم مشينن تي ڪي ماڻهو اهڙو پروگرام وجهي وڃن ٿا جو جيڪو به ماڻهو پيسا ان اي ٽي ايم مان ڪڍرائي ٿو ته ان جي اڪائونٽ مان سڀ پيسا ان پروگرام وجهڻ واري جي اڪائونٽ ۾ هليا وڃن ٿا انهن ڳالهين سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته معاشري جي ترقي سان گڏ ڏوهن جي به ترقي ٿئي ٿي ۽ هر دور اندر ڏوھ به نوان نوان ايجاد ٿين ٿا ۽ انهن ئي ڏوهن جي لاءِ ۽ ڏوهارين جي لاءِ هر معاشري  شعور سنڀاليندي ئي ڪجهھ اهڙا اپاءَ وٺڻ لاءِ سوچيو جن سان هنن ڏوهن کي ختم نه ته گهٽ ضرور ڪيو وڃي ۽ پوءِ اسان جا سيڪيورٽي ادارا ٺهيا جن ۾ سول سيڪيورٽي ادارو معنيٰ پوليس جو اهو ڪم ٿيو ته هو عام ڏوهارين کي پڪڙي ۽ سزا ڏئي ته جيئن ماڻهن اندر اهو خوف هميشه رهي ته جيڪڏهن هو ڏوھ ڪندا ته انهن کي سزا به ضرور ملندي ۽ ان ئي سبب اسان جي ملڪ اندر هر دور ۾ پوليس وارن جا اختيار ڪجهھ الڳ الڳ ئي رهيا آهن  ۽ اسان جي معاشري اندر وري ڏوهارين جا واسطا وڏن ماڻهن سان هجڻ ڪري پوليس به اڪثر ڏوهارين جي ونگار وهندي نظر آئي آهي پر ڪجهھ عرصي کان وٺي ته پوليس وارا پاڻ هڪ مافيا جو روپ اختيار ڪري چڪا آهن اسان جي ملڪ اندر ڪجھه عرصي کان وٺي اهڙا ته واقعا ٿيا آهن جن سان صاف نظر پيو اچي ته اساان جي پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ بدران پاڻ به هڪ ڌاڙيلن جو ٽولو ٿي چڪي آهي ۽ نه صرف پوليس پر ان سان گڏ اسان جا ٻيا سيڪيورٽي ادارا به ايئن ڪٿان نه پيا لڳن ته هو عوام جي حفاظت لاءِ  بڻيا آهن اسان جي ملڪ اندر جيڪو گولي جو قانون هلي پيو آهي ان اسان جي سڄي معاشري کي جهنجهوڙي رکيو آهي اسان وٽ هر جرم جو فيصلو هاڻ گولي سان ڪيو پيو وڃي اسان وٽ  سيڪيورٽي ادارا پاڻ کي تفتيش کان وٺي فيصلو ٻڌائڻ  تائين  با اختيار ٿا سمجهن ۽ جيڪڏهن ڪو انهن سان وڌيڪ بحث ڪري ٿو يا قانون بابت پڇا ڪري ٿو ته هنن وٽ جواب صرف گولي آهي ۽ ان گولي هڻڻ بعد هنن وٽ هڪ ته ٺهيل ٺڪيل الزام آهي ته مرڻ وارو شخص دهشتگرد هئو ان سان گڏ کنڀي گم ڪرڻ جو رواج به اسان جي معاشري اندر ايترو عام ٿيندو پيو وڃي جو هڪ جملو سوشل ميڊيا تي رکڻ سان به ماڻهو مهينن جا مهينا کنڀي گم ڪيا پيا وڃن  رينجرز وارا شهرن اندر جنگل جو قانون ٺاهيو ويٺا آهن جنهن کي وڻين ٿو گولي هڻي ڇڏين ٿا جيئن ڪجھ عرصو اڳ هڪ ويڊيو منظر عام تي  آيو هئو  جنهن ۾ هڪ نوجوان ٻانهون ٻڌي رينجرز کي منٿون پيو ڪري پر انهن تڏهن به نوجوان کي گولي هڻي ڇڏي ايئن ئي ڪراچي جي  صفوران چورنگي وٽ هڪ ٽئڪسي ڊرائيور کي گاڏي نه بيهارڻ تي شوٽ ڪري ماري ڇڏين اهي ته رينجرز جا ڪارناما آهن پر اسان جي پوليس به هاڻ هڪ اهڙي مافيا ٿي چڪي آهي جيڪا چوويهھ ڪلاڪ هٿيارن سان ليس ٿيل هڪ ڌاڙيلن جوٽولو  آهي جنهن کي عوام سان ۽ انهن جي احساسن سان ڪو به واسطو ناهي هو صرف ان تلاش ۾ رهن ٿا ته ڪيئن ڪنهن کي ڦرجي لٽجي ۽ ڪنهن ڪمزور لاچار کي ذليل ڪجي ڪنهن  مسڪين ماڻهو کي ٻڌي لاڪ اپ ڪري ان کان پئسا ڪيئن وٺجن باقي وڏا ڏوهاري پنهنجو ڪم آزادي سان ڪندا وتن صرف هفتي يا مهيني تي منٿلي وڃي ٿاڻي تي جمع ڪرائين.

پوليس جو اهڙو ڪردار  ويجهي ماضي کان وٺي نروار ٿيو آهي جنهن پوليس سان گڏ سڀني سيڪيورٽي ادارن تي سواليا نشان هڻي ڇڏيو آهي مطلب عام بي ڏوهي ماڻهو کي کڻي وڃڻ ۽ پوءِ قتل ڪري ڦٽو ڪري وڃڻ ان بعد هن وٽان ايترا هٿيار برآمد ٿيل ڏيکارڻ جو ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ته جيڪڏهن ايترا هٿيار هن وٽ هئا ته پوءِ هي سڀ پوليس وارا ڪيئن  بنا ڪنهن ننڍڙي زخم جي صحيح سلامت بيٺا آهن  هي پوليس وارا وري ڪن وڏن آفيسرن ۽ وزيرن مشيرن جي ونگار وهي به سر عام قتل ڪندا وتن ٿا ڇو ته هنن کي سرڪاري لائسنس مليل آهي ماڻهن کي مارڻ جو هنن کان ڪا به پڇا ناهي ٿيڻو ته هنن جنهن شخص کي ماريو آهي ان جو ڏوھ ڪهڙو هئو ۽ ثابت ٿيل هئو يا نه جيئن ڪجهھ عرصو اڳ ڪراچي جي سچل ڳوٺ جي نوجوان انيس سومري کي هڪ پوليس اهلڪار ماري نوري آباد وٽ اڇلائي ڇڏيو ۽ هن کي انتها پسند دهشتگرد ظاهر ڪيو هئو پر بعد ۾ خبر پئي ته هن نوجوان جو ڪنهن به انتها پسند تنظيم سان ڪو واسطو نه هئو پر هو هڪ اهڙي سياسي تنظيم سان واسطو پيو رکي جنهن جي هر نوجوان ڪارڪن کي روڊ تي ماريو ويو هئو  اهو به ڪٿان ثابت نه ٿيو جيڪڏهن ثابت ٿيل به هئو ته ڇا هنن کي اهو اختيار آهي ته ڪنهن ڏوهاري کي ايئن بنا ڪيس هلڻ جي بنا عدالت ۾ وٺي وڃڻ جي پاڻ ئي ماري ڇڏين ٿا اهو صرف هڪ صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته اڳلي ڏوهاري به پوليس تي حملو ڪيو هجي جنهن کي هو اينڪائونٽر چون ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي ته هي پوليس وارا هاڻ پنهنجي  جرم کي لڪائڻ لاءِ  پنهنجي هر قتل کي اينڪائونٽر چئي  پنهنجي جان ڇڏائين ٿا.

ڪراچي جي هڪ علائقي  ملير جي حد جي پوليس ئي هيل تائين 57 اينڪائونٽر ڪيا آهن جن ۾ هنن وڏا دهشتگرد ماريا آهن  ۽ انهن دهشتگردن کي قتل کان پهريان نه ڪير سڃاڻي پيو نه ئي وري هنن تي ڪن ڏوهن جا ڪيس هئا پر ملير جي پوليس جي نظر هنن دهشتگردن کي ڳجهھ مان ڳولهي ڪڍيو  اها ٻي ڳالهه اهي ته هنن جا گهر ڀاتي اڃا تائين احتجاج پيا ڪن ته مرڻ واري جو ڪنهن دهشتگرد تنظيم سان ڪو واسطو ناهي رهيو بلڪل ان ئي طرح ٻه ٽي ڏينهن پهريان ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ م هڪ خوبصورت نوجوان نقيب الله به ايئن ئي پوليس مافيا هٿان اغوا بعد قتل ٿيو ۽ هن جي گهر مان ايترا هٿيار نڪتا جنهن سان هو هڪ ٿاڻو ته ڇا پر سڄي ڪراچي جي پوليس کي روڪي سگهي پيو پر ان بعد به ملير پوليس جي مهارت جو هنن کي هڪ زخم به نه آيو مقابلو به ٿيو ۽ نقيب الله کي ماريو به ويو آخر هي خون جي راند ڪيسيتائين هلندي رهندي پوليس رشوت وٺڻ جي چڪر ۾ ماڻهن کي کڻي وڃي ٿي پوءِ جڏهن ڳالهھ ڳچي ۾ پوي ٿي ته انهن کي ماري ۽ دهشتگرد قرار ڏنو ٿو وڃي  مان سمجهان ٿو ته ان باري ۾ اسان جي اعليٰ عدالتن کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اهڙا قانون ٺاهڻ گهرجن ته ڪو به پوليس وارو  ڪنهن به ڏوهاري کي بنا ڪيس هلڻ جي ماري ٿو ته ان پوليس واري کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي  ان بعد جيڪڏهن هو حملو ڄاڻائي ٿو ۽ اهو حملو ڪوڙو نڪري ٿو ته ان پوليس واري کي ڦاهي جي سزا کان گهٽ نه ملڻ گهرجي  جيستائين اهڙا اپاءَ نه ورتا ويندا مان سمجهان ٿو تيسيتائين پوليس مافيا اسان جي غريب عوام جو رت ايئن ئي چوسيندي رهندي جيئن ورهين کان هلندو پيو اچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لانگ مارچ تي نڪتل دوستن کي صلاح: سنڌيءَ ۾ نالا لکڻ جي مهم ۾ به هٿ وجهو

زرار  پيرزادو ڪالهه انور پيرزادو اڪيڊمي واٽس ايپ گروپ تي محترمه سڪينا امام نالي هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے