20 سومر , آگسٽ 2018

ڇا دنيا ۾ تبديلي اچي رهي آهي …؟

يونس ڀان

دنيا جي هر ملڪ ۾ تبديلي جي لهر نظر اچي رهي آهي، دنيا جي ملڪن جي سربراهن جا فيصلا ۽ طريقا الڳ الڳ نظر اچي رهيا آهن، هر ملڪ هاڻ پنهنجي پاليسي صورتحال تي خود غور ۽ تبصرو ڪري رهيو آهي، اڳئين دور جي وقت ۾ ماڻهن جي راءِ کي وڏي اهميت هوندي هئي. هيئر ذاتي فيصلن کي وڏي اهميت اختيار ٿي چڪي آهي اڳئين وقت ۾ اليڪشنون صاف شفاف هونديون هيون هن وقت ۾ اليڪشنون آمريڪا تائين ڌاندلين جي ور چڙهيل آهن اڳئين دور ۾ دهشگردي نه  هوندي هئي هينئر ڪجهه سالن ۾ وڏي پئماني تي ٿي رهي آهي اڳئين مسلمان ملڪن تي آمريڪا جو وڏو دٻدٻو هوندو هو هينئر آهستي آهستي غلام ملڪن ۾ تبديلي اچي رهي آهي ۽ آمريڪا کي جواب ملي رهيا آهي اڳ ۾ عوام جي زبان بند هوندي هئي هينئر عوام هر ڳالهه تي بحث مباحثا به ڪري ٿو ۽ شعور ۾ به اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري عوام پنهنجي حقن جي لاءِ روڊن تي احتجاج ڪري رهيو آهي اڳ ۾ حق گهرڻ جو احترام هوندو هو، هاڻ حق گهرڻ تي لٺيون ، تشدد ڪيو وڃي ٿو، هاڻ شعور جي تبديلي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ تشدد جي لهر به تيزي سان وڌي رهي آهي دنيا ۾ هر طرح سان ڪٿي نه ڪٿي مختلف تبديلون نظر اچي رهيو آهن اڳ ۾ مزودر هارين، استادن ۽ عوام جي وڏو قدر احترام هوندو هو،هيئر انهن جي ڪابه عزت ڪونهي ۽ حق جي ڳالهھ ڪرڻ تي تشدد ٿي رهيو آهي اڳيئن دور ۾ آمريڪا ماءِ باپ جيڪو فيصلو ڪندو هو انهيءَ تي غلام ملڪ اکيون پوري عمل ڪندا هئا  ۽ خاموش به رهندا هئا، هيئير اها جرئت پيدا ٿي ويئي آهي ته آمريڪا جي هر غلط فيصلي تي هر هڪ ملڪ جواب ڏيڻ جي جرعت ڪري رهيو آهي ايتري قدر جو اتر ڪوريا به کلئي عام آمريڪا کي چئي رهيو آهي ته منهنجي آڱر ايٽم بم تي رکيل آهي، اتر ڪوريا دنيا جو هينئر واحد ملڪ آهي جنهن شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کان پوءِ آمريڪا سامراج کي منهن  ٽوڙ جواب ڏنو آهي اترڪوريا جي اڳيان هاڻ  آمريڪي گهڻي قدر هيڻو نظر اچي رهيو آهي .

آمريڪا جي اها پاليسي  آهي ته جي آئون مستحڪم نه آهيان ته هر ملڪ ۾ افراتفري رهي ۽ وري به منهنجي بدمعاشي قائم رهي اها آمريڪي سامراج جي ذهينت سدائين رهندي پئي اچي ته جيڪو به ملڪ مون جي ڌاڳي ۾ ناهي ته هن  ملڪ ۾ دهشتگردي پنهنجي اينجٽن جي هٿان بم ڌماڪا ڪرائڻ  عوام ۾  ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ، ته جيئن اهو ملڪ پنهنجي مسئلن ۾ ڦاٿل هجي ۽ مون جو غلام رهي….. هيئر تازو ايران ۾ به آمريڪا پنهنجي ايجنٽن جي معرفت ملڪ ۾ هنگاما ڪرائي رهيو آهي، سيڪورٽي فورسز ۽ عوام ۾ جهڙپون جاري آهن، عوام ۾ افراتفري جاري آهي، ڪيترا مارجن پيا، ته ڪيترائي زخمي به ٿيندا رهن پيا.. دنيا ۾ اها به تبديلي نظر آئي ته گرفتار سعودي شهزادو مشال بن عبدالله جي مني لانڍرينگ جا ڀرپور انڪشاف ٿيا انهن ۾ نواز شريف  خاندان جو به نالو آيو آهي، تڏهن ته سعودي حڪومت نواز شريف خاندان کي گهرائي ورتو ۽ سعودي حڪومت شريف خاندان کي پنهنجي سموري ڪاروبار کي فورن ختم ڪرڻ جو چئي ڇڏيو، اتي به نواز شريف  خاندان جا پول کلي ويا ، هاڻ ملڪ جي عوام کي ڇا ٻڌائيندو؟ ته سعودي حڪومت به ڪوڙ ڳالهايو آهي،

نواز شريف ته پنهنجي نااهلي جون باهيون ته سڌوو سنئون  ڪورٽن کي ٽارگيٽ ڪري ڪڍي پيو، دل کي ڪوڙي تسلي ڏيڻ لاءِ ڊرامي بازي ڪري رهيو آهي، وٽائنس هاڻ هر شيءَ هٿ مان نڪري رهي آهي، سندس ڪرپشن جو وڏو ساٿاري آصف زرداري ڏانهن اشارو ڪندي هن چيو ته ڪنهن آمرن کي هار پارايا آهن؟؟ اها به حقيقت آهي ته نواز شريف خود به جنرل ضياءَ جي پيدوار آهي هار پارائڻ جو اشارو آصف زرداري جي پيءَ حاڪم علي زرداري ڏانهن آهي جنهن واقعي  جنرل ضياءُ الحق کي هار پهرائڻ وارا اهي ڦوٽو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي سرگرم رهيا آهن اڄ نواز شريف جنرل ضياءَ  کي آمر چئي  ٿو پاڻ خود انهن جي جهولي ۾ پليو آهي اها سڄي ملڪ جي عوام کي خبرآهي، اها به هاڻ تبديلي آهي، جنهن  محسن جي جهولي ۾ پليو هجي، اڄ ان کي آمر چئي رهيو آهي تاريخ پنهنجو پاڻ هڪ ورق اٿلايو آهي  وري بلاول زرداري فرمايو ته منهنجي ماءُ جو قاتل رٽاٽرڊ جنرل پرويز مشرف آهي، سوال اهو آهي ته رٽاٽرڊ صدر جنرل پرويز مشرف بينظير ڀٽو صاحبه جو قاتل آهي ته بلاول زرداري پنهنجي پيءُ آصف زرداري کان پڇي ته هو پنج سال ملڪ جو صدر رهيو تنهنجي ماءُ  سندس زال بينظير ڀٽو جي قتل جي انڪوائري نه ڪرائي ڇو؟ بينظير ڀٽو صاحب جي لاش جا وارث به نه ٿيا!! جو کڻي ايف آءِ آر ڪٽرائين پوليس ايف آءِ آر ڪٽي ته ان جي توهان جو پوري خاندان ڪيس جي پوئيواري به نه ڪئي آخر ڇو؟ هاڻ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ مان ڪجھه به نه ٿيندو ملڪ جو عوام گواھ آهي ته  بينظير ڀٽو صاحبه جي خون سان نه انصاف ڪيو نه پوئيواري ڪئي ؟ هاڻ اليڪشن اچڻ واري   ته توهان کي  بينظير ڀٽو جو خون ياد آيو آهي هيترا سال ڇو خاموش هئا ؟ مطلب اهو ٿيو ته  بينظير ڀٽو صاحبه جو خون ذاتي اقتدار خاطر استعمال ڪريو ٿا؟ باقي بينظير ڀٽو جي بي گناھ قتل جي توهان کي پرواھ ئي ناهي. آخر… ڇو؟؟ اها به تبديلي مفادن جي خاطر ئي آخر ڇو؟ دنيا ۾ گهڻو ڪجهھ تبديل ٿي رهيو آهي پر خصوصن هن ملڪ ۾ مفاهمت واري سياست ۾ اداڪاري ۽ ٻه نمبري جو رواج اڳوڻي صدر ۽ وزيراعظم پيدا ڪيو ڪرپشن به انهن جي دور ۾ رڪارڊ رهي آهي اها پوري ملڪ جي عوام کي چڱي ريت ڄاڻ آهي هيئر دينا ۾  ٻي تبديلي اها آئي آهي ته روس ۽ ترڪي ۾ هڪ نئون خطرناڪ ايئر ڊفينس سسٽم جو معاهدو ٿيو آهي انهيءَ  جا اڳيان هلي ڪهڙا نيتجا نڪرن ٿا اهو ته پوءِ ظاهر ٿيندو؟ ان ٺاهه ۾ زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ايس 400جي خريداري بابت ٺاھ تي صحيحون ڪيون نيٽو اتحاد کي اڍائي ارب ڊالر جي ماليت جي معاهدي تي گهڻن ملڪن کي ڳڻتي آهي روس ۽ ترڪي نيٽو اتحاد جا ميمبر به آهن اها به دنيا ۾ تبديلي ٿي چڪي آهي مصر جي عدالت اڳوڻي صدر محمد مرسي سميت 18 ڄڻن کي  3 -3 سال سزا ملي چڪي آهي ، ڀارت ۾ به نسلي فساد شروع ٿي چڪا آهن

بمبئي شهر سميت ڪيترين ئي شهرن ۾ فسادن جو سلسلو جاري آهي شام ۾ باغين حملو ڪيو جنهن ۾ 7 7روسي جنگي جهاز تباھ ڪيا ويا، آمريڪا پاران ايلسوا ڊور جي 2 لک شهرين کي ملڪ مان نيڪالي جو حڪم ڏنو ويو شهرين کي 9 ميمبر 2019 ع کان پوءِ رهڻ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪرڻو پوندو آمريڪا پنهنجو فرمان جاري ڪيو ته اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا به پاڻ ۾  راضي ٿيا ويا آهن ڇڪتاڻ ختم ڪئي آهي   ٻنهي جو پاڻ ۾ ٺهڻ آمريڪالاءِ تمام گهڻيون ڏکيايون پيدا ڪندو. آمريڪا پاڪستان تي الزام هنيو ته چين پاڪستان ۾ فوجي اڏا ٺاهي رهيو آهي چين ان جي سختي سان  ترديد ڪئي پر جڏهن آمريڪي مفادن کي 1960ع کان پاڪستان تحفظ ڏنو هو، سوويت يونين پاڪستان جو دشمن نه هو پر جڏهن پاڪسستان آمريڪا جي ڪري سوويت يونين سان افغانستان ۾ وڙهيو هو تڏهن پاڪستان ٺيڪ هو  ۽ هاڻ چين سان سٺا لاڳاپا آهن ته آمريڪا کي تڪليف ٿئي پئي آهي  افغانستان مان روس ويو ته هاڻ آمريڪا اچي خيماکوڙيا آهن ، آمريڪا جي افغانستان ۾ موجودگي جي ڪري  افغانستان ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌي آهي ۽ پنهنجي ملڪن جا لاڳاپا تمام خراب ٿي چڪا آهن پاڪستان ۾ دهشتگردي جو رستو افغانستان مان اچي ٿو هاڻ آمريڪا ٻڌائي ته تون وٽ ڪهڙو  جواب آهي؟ جيڪو آمريڪا ڪري اهو صحيح باقي پاڪستان ڪري ته غلط؟؟؟ آمريڪا کي پاڪستان  جي اڳيان  جهڪڻو پوندو اها آمريڪا جي مجبوري آهي ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي نظر  ۾ ايران ايٽمي طاقت ڏانهن وڌي رهيو آهي تنهن ڪري آمريڪا جو پاڪستان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ آمريڪا جي مجبوري آهي مسلم ملڪ جي سربراهن سدائين آمريڪا جي غلامي قبول ڪئي آهي ۽ دلالي به ڪئي آهي،.انهن سڀني مسلمانن ملڪ کي آمريڪا جي چنبي مان ۽ غلامي مان ڪڍڻ جو ڪردار ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو آهي جنهن آمريڪي سامراج ۽ يهودي لابي جي خلاف عملي طور ميدان ۾ لٿو هو ۽ آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو ڀٽو صاحب کي پنهنجي زندگي تان هٿ کڻڻو پيو  پر آمريڪا جي اڳيان نه جهڪيو نه، هينئر آمريڪا پاڪستان بيت المقدس ۾ اسرائيل جي گادي جو هنڌ ڪرڻ خلاف  پنهنجو موقوف رکيو ته آمريڪا پاڪستان کي 255 ملين ڊالر جي امداد بند ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو خدا ڪري موجوده حڪمرانن ۾ ملڪي غيرت جو مادو وڌي ۽ دلالي ڇڏين… تڏهن ملڪ ۾ تبديلي ايندي ملڪ به ترقي ڪندو آمريڪا جي اها پاليسي رهي آهي ته هر ملڪ ۾ وڳوڙ ڪرائي  پنهنجي ماتحت ڪري مرضي سان فيصلا ڪري انهن کي غلام ڪري انهن تي حڪمراني ڪري، تازو ايران ۾ آمريڪا وڳوڙ ڪرائي ڊالر ورهائي رهيو آهي، وڳوڙ ڪندڙن جي حمايت ڪري رهيو آهي، اوڀر آَفريڪي ملڪ سوڍان جي صدر اليشبر پنهنجي سوڍان جي ٻن رياستن ۾ هنگامي حالتون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ڪاسالا ۽ اوترڪورد وفات ۾  6 مهينن لاءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون آهن انهن ۾ آمريڪا جو ڪردار نظر اچي رهيو آهي، آمريڪا مسلمانن جو ڪعبو اول بيت المقدس کي اسرائيل جي گاڌي جي هنڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو سڀني مسلم ملڪن کي  بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو، مسلم ملڪن نه کيس في الحال منهن ٽوڙ جواب ڏنو آمريڪا کي ڏنو آحي پر آمريڪا امداد روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي  آمريڪا جا وڌ ۾ وڌ مفاد مسلم ملڪن ۾ آهن ڇاڪاڻ ته مسلم ملڪ خصوصن عرب ملڪ ۾ تيل آهي جيڪا آمريڪا جي مجبوري آهي ،کوکليون ڌمڪيون ڏيئي ٿو، پر ڪندو ڪجهھ به نه؟ آمريڪا پنهنجي مفادن جو ڪڏهن به نقصان نه ڪندو تيل آمريڪا جي مجبوري آهي انهيءَ تيل کي ڀٽو صاحب پنهنجي ذهانت سان يهودي لابي جي خلاف هٿيارطوراستعمال ڪيو جنهن کان پوءِ آمريڪا ڀٽو صاحب جو دشمن ٿي پيو، ديس جي دلالن هٿان کيس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏياري ويئي پر مسلم ملڪن کي هڪ وري  ٻئي ڀٽو جي ضرورت آهي ۽ پوءِ يقينن دنيا ۾ هڪ انقلابي تبديلي ايندي ، غير مسلم ملڪن ۾ ڀٽو ٿيڻ لاءِ تيار ؟ جو مسلمانن کي گڏ ڪري ۽ پنهنجي سرقربان ڪري آمريڪا کي سبق ڏي ….؟؟؟ انهيءَ ڀٽو جو انتظار آهي.

هاڻ  دنيا ۾  مختلف تبديلين جي آثار نظر اچي رهيا آهن تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته  پاڪستان جي سياست ۾ معاشي صورتحال ۾ به تبديليون اچڻ گهرجن ڪرپشن ڪندڙ سياستدانن جو ڪرپٽ ڪامورن جو خاتمو ضروري آهي اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ملڪ جو طاقت ور ڌريون هوش سنڀالين ۽ عوام ۾ تعليمي شعور پيدا ٿئي پنهنجي ووٽ جي طاقت جو صحيح استعمال ڪن حقدارن کي ڏين، عوام پنهنجو ضمير کي سجاڳ رکي پنهنجي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿارين جيئن ترڪي جي صدر طيب اردگان جي لاءِ عوام اُٿي پيو، فوج جي ٽئنڪن تي قبضو ڪري عوام پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري آمريڪا سازش کي ناڪام بنايو ۽ پنهنجي ملڪ کي آمريڪي غلامن کان نجات ڏياري ۽ پنهنجي ليڊر جو تحفظ ڪيو  ترڪي جي عوام ۾ ترڪي صدر رجب  طيب ارگاد جي هڪ مسيج تي انقلاب اچي ويو، اهڙو شعور هن ملڪ جي عوام به هئڻ گهرجي عوام پنهنجي طاقت سان ملڪ جي  خيرخواهن جو تحفظ ڪري ۽ ملڪ دشمن جو صفايو ڪري ته هي ايٽمي طاقت وارو ملڪ جيڪو دنيا جو مسلم ملڪن ۾  پهريون ايٽمي ملڪ آهي حڪمرانن کي آمريڪا جي دلالي سان نڪرڻ گهرجي ايٽمي ملڪ کي غلامي کان نجات ڏياري وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيدن جي شهر جي تباهي جو ذميوار ڪير

 ڪامران چانڊيو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پنهنجو سينو تاڻين وڙهندڙ خيرپورناٿن شاهه جي نوجوانن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے