24 ہفتہ , فروری 2018

آخر ڇا ٿيندو؟

حافظ سڪندر تنيو

ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۽سوشل ميڊيا تي تي سنڌ ۾بدامني جي راڪاس جا لامارا ڏسڻ ۾اچي رهيا آهن. مِٺي شهر ۾ٻه سڳا ڀائر ماريا ويا آهن. ميهڙ ۾ هڪ گهر جا ٽي ڀاتي گولين جو کاڄ بڻيا آهن. وارهه ۾هڪ غريبن جي گهر ۾چور ڪاهي پيا، گهر ڌڻين گهل گهل ڪئي چورن سان چنبوٽ پيا ته کين ڪلاشنڪوف سان ٻن ڀائرن کي موت جي ننڊ سمهاري ويئي. ساڳئي شهر ۾هڪ راجپوت کان ٽي لک کسيا ويا. ٽائون ڪميٽي وارهه جي ملازم کي ڪُٺو ويو.مڱڻيجي مسڪين جي ستن جريبن جي سارين جي ٻار ساڙي ويئي آهي. قصور شهر ۾ زينب سان زيادتي ءَ تي سمورو قصور اٿي پيو ته قصوروار پڪڙيا وڃن. ميان شهباز اڏامندو اسر ويل وارثن وٽ پهتو. سڄي وارهه احتجاج ڪيو ڪوئي حاڪم کين مٿي تي هٿ رکي دل جاءِ ڏيڻ نه آيو. ٻڌڻ ۾اچي پيو ته ڪي ڏاڍي ذات وارا ملوث آهن. ڏاڍن کان ته هتي سرڪار به ڪن هڻندي آهي. مونکي هڪ دوست ٻڌايو ته هڪ ٿاڻيدار هر ڪمزور ماڻھو ءَ کي رائو انوار جيان بي گناهه پڪڙي لاڪپ ڪري کانئس خرچي وٺي ڇڏي ڏيندو هيو. هڪ ڀيري ۾ڀل ۾ڪنهن ڀوتار جو گن مين جهلي آيو ڀوتار تپي ٽانڊا ٿيو. حفاظتي فورس ساڻ ڪري ٿاڻي تي ڪڙڪي پيو جيئن ڪالهھ راهوڪي ءَ ۾ فاضل جي پٽ کي وڏيرڪي فورس چپاٽون پئي هنيون. فاضل راهو جيڪو مارشل لائن جي خدائن کان نه ڊڄندو هيو، ڪنهن به جيلر کي جرئت نه ٿيندي هئي، جو کيس چپاٽ هڻي سگهي. اڄ سندس اولاد کي ٽرڙا ماڻهو اسٽيج تان گهلي اٿاري ٿا ڇڏين ۽ فاضل راهو جو اولاد خدائي مرضي سمجهندي ڪنڌ جهڪائي رضا تي راضپو ٿا ڏيکارين. جڏھن ته فاضل هڪ شخص جو نالو نه هيو، هڪ تحريڪ هئي، هڪ ارڏائپ هئي، هڪ اڻموٽ ڪردار هيو، هڪ جوش هيو، جذبو هيو، ولولو هيو، هڪ للڪار هئي، هڪ مڙسائپ هئي، هڪ ماڻهپو هيو، ڏاڍ مٿان ڏمر هيو، شاهه ڀٽائيءَ چيو ته راهو تنهنجي ريت پرکنڊي پڌري، مٿس شاعرن شاعري ڪندي لکيو هيو ته تون ڪهڙا فاضل ماريندين، سنڌ سموري فاضل آ. پر اڄ ڏٺوسين ته فاضل ڪيئن ٿا مارون کائين. سو اهو صاحب ٿاڻي تي پهتو ٿاڻيدار کي ڪن کان جهلي ڪرسي ءَ تان اٿاري کيس ڏهن آڱرين جا نشان سامهون ڏيکاري ماڻهو ڇڏائي هليو ويو. خيرپور ۾هڪ پوليس آفيسر ڪنهن ڀوتار جو ماڻهو ٻڌو هيو، کيس ان وقت جي آءِجي پوليس چيو ته وڏيري کي پرچاءِ، آفيسر ميڙ ڪري ڪراچي وڃي ڀوتار جي بنگلي تي پيرن تي هٿ رکي کيس پرچائي آيو.

حاڪم جڏهن اقتدار سنڀاليندا آهن ته عوام کي خطاب ڪندي پاليسيون ٻڌائيندا آهن. حضرت ابوبڪر جڏهن خليفو ٿيو هن خطاب ڪندي فرمايو ته ٻڌي ڇڏيو هر طاقتور مون لاءِ هيڻو آهي، جو کانئس ڪنهن غريب سان ڪيل ظلم جو بدلو کيس وٺرائي نه ڏيان ۽هر غريب مون لاءِ طاقتور آهي جو کيس ڪوئي به تڪليف ڏيڻ جي سگهھ ساري نه سگهندو. پر افسوس جو اڄ ايڪويهين صدي ءَ ۾به سنڌي ماڻهو وڏن ماڻهن اڳيان ڪک پن جيان هلڪو ٿي پيو آهي. جڏهن قرآن شريف ۾چيو ويو هيو ته جڏهن قرآني انقلاب ايندو ته جبل اڏامندا اهو هڪ استعارو هيو يعني پاڻ کي جبلن جيان مضبوط سمجهندڙ قبائلي سردار ڪپهھ جي ڦوري جيان ڦوڪ سان اڏاريا ويندا. ۽پوءِ ڏٺوسين ته ڏاچين چاريندڙن، سردارن جي چيلهين کي چهبڪن سان چٻو ڪري ڇڏيو هيو. جيسيتائين ماڻهو پنهنجي پيرن ۾پيل زنجيرن کي جنبش نه ڏيندو تيستائين کيس جڪڙيل  هجڻ جو احساس ئي نه ٿيندو. جنهن ڏينهن هن زنجير کڙڪائڻ شروع ڪيا ان ڏينهن هي ڀوتار ڪيون بادشاهتون زلزلي جيان لڏي وينديون. هر ڪمزور کي سگهھ رياست جو عادلاڻو  نظام ئي ڏيندو آهي. چيو ٿو وڃي ته وارهه جي مقتولن جا وارث فريادي نٿا ٿين ته پوليس ڇا ڪري، پر سڌريل دنيا جو اصول آهي ته ڪمزور جو ڀرجهلو ٿيڻ ۽ڪيس ڳائڻ رياست جو فرض هوندو آهي. پر هتي قانون جي ڇانوَ ڏوهاري کي ڏني ٿي وڃي، پوءِ هي سماج ۾ هلڪي ذات سمجهيا ويندڙ وارهه جا موچي طاقتور تُمندارن مٿان ڪيس ڪيئن داخل ڪرائي ٿا سگهن.

اڄ سندن ٻه پٽ ماريا ويا آهن ، جيڪڏهن هو ڏاڍ جي قوتن سان ٺاھ نٿا ڪن ته سڀاڻي سندن باقي بچيل مرد پڻ ماريا ويندا، پوءِ سندن اڪيليون عورتون الله جي نانوَ جاڳڀا ڳهڻ لاءِ مجبور ٿي پونديون. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ بحثن ۾ اي ڊي خواجا لاءِ ماڻهن وڏيون اميدون رکيون هيون ته هن جي ماضيءَ جي ڪردار کي ڏسي ماڻهن کي انصاف ملڻ جي اميد ٿي هئي،پر جهڙيون سٺ تهڙيون ٽي ويهان ثابت  ٿيون. مڃئون ٿا ته کانئس پاور اختيار کسيا ويا هئا. پر هاڻي جڏهن ڪورٽ کيس سمورن اختيارن، ڀرتين، بدلين ڪرڻ سميت ڏنا آھن ته کيس هاڻي ٻر کان ٻاهر نڪري هر ڏاڍ جي قوت کي ڏنڊو ڏيکارڻ کپي. هن جيڪو پوليس ايڪٽ تيار ڪري سنڌ ڪابينا ڏي موڪليو آهي ان کي منظور ڪرڻ ۾ هو ٽال مٽول ڪري ٿي ته ڪورٽ کيس هي به چيو آهي ته اهو مسوِدو وٽس کڻي اچي ڪورٽ انجو جائزو وٺي کيس منظوري ڏيئي ڇڏيندي. اڃا به جيڪڏهن خواجو صاحب همت نٿو ڪري ته پوءِ کيس عهدي سيڙائڻ جي ضرورت ناهي، ڀل ڪنهن ڪرپٽ آفيسر کي ڏيئي پاڻ مٿان خلق کلائڻ کان بچڻ گهرجي.

ماڻهن کي  حاڪمن جي جلسن جلوسن سان ڪائي دلچسپي ناهي ڇو جو ماڻهو هاڻي پاڻمرادو نٿا اچن پر زوري ءَ ونگاري نيا ٿا وڃن. کين ٻٽاڪون نه پر انصاف کپي. هرهڪ چونڪ چوسول تي ويهي ماڻهو انگريزن جي انصاف جا قصا ٿا ڳائين. هنن حاڪمن جاآزاد عدليا ۽آزاد انتظاميا هئڻ جا سکڻا سرگم ۽پلٽا ماڻهن کي پسند ناهن. اڄ به انصاف جون ٻانهون ڪپيل آهن. اڄ به طاقتور ڪمزور مٿان قابض آهن.اڄ به ڳڀرو ڳاڙهن ڳٽن وارا سرعام سرڪاري ماڻهن هٿان کنيو کنڀيا ٿا وڃن، اڄ به زمينن تي قبضا ڪيا ٿا وڃن. اڄ به پوليس گھرن ۾گهڙي بي گناھ ماڻهو پڪڙي ڌاڙ يل پئي ڳولهي. اڄ به آدمي اغوا پيا ٿين. لينڊ مافيا اڄ به قبضا ڪندي ٿي رهي. دين جي دعوائن جا دعويدار اڄ به ايمپائر روڊ لاڙڪاڻوجمعي ڏهاڙي بند ڪريو بيٺا آهن. ڪمزور ۽ بيوس ماڻهو انصاف جي تارازين جي تور مان مايوس ٿيل آهن. ماڻهن جي بک جو مدائو 18 ترميم نٿي ڪري سگهي. بکئي پيٽ کي ڀت جو گراھ ٿو گهرجي. تعليم ھاڻي مسڪين جي ٻار لاءِ ضروري ناهي ڇو جو نوڪريون هاڻي ڀوتارن جي بنگلن جي ٻهاريدارن کي ٿيون ملن. هرهڪ ماڻهو نڪ گسائڻ وارو نه هوندو آهي. ايندڙ وقت ولڻ ۽وريام جي پٽ جو ناهي هو ڀوتارن جي ٽرڙن، ٽُوٽن، پُٽن جو آهي. اڳتي هلي ڪوئي درياڻي مل جو پاليل پٽ ڪامورو ڪين ٿي سگهندو. نڪو ئي هاري جو پٽ ابراهيم جويو۽کٽون واڻيندڙ ڪوري عمر دائود پوٽو ٿي سگهندو. ان ڪري سوال پڇجي ٿو ته آخر ڇا ٿيندو ان جو جواب حاڪم ڏيڻ لاءِ تيار نه آ هن. جيڪڏهن مون کان پڇيو وڃي ته جواب هي آهي ته ڪهاڙيءَ ۾ ڳن وجهي ٻيلا جهنگل نه پر ڪرپٽ ڪردارن جا ڪلها ڪپي ڇڏجن. بي رحم آپر يشن روسي انقلاب جيان ٿيڻ گهرجي سڌارو تڏهن ٿي سگهندو.

آئون عمران خان جي ان بيان جي آجيان ٿو ڪريان جنهن هن وڏيرڪي قانون ساز اسيمبليءَ تي ڦٽڪار وڌي آهي. رائو انوار جهڙو زماني ۾بدنام ٿيل ماڻهو جنهن تي ٽي سئو مان ڪيترن ئي بي گناهه انسانن کي مارڻ جا الزام لڳا، هي ته لنڊن واري ڀائي ۽ رحمان ڀولا کي به ماڻهو مارڻ جي اسڪور ۾پوئتي ڇڏي ويو، هن جو ايترو ته نيٽ ورڪ ڇڏيل هيو جو ماڻهن جي بينڪ اڪائونٽن تائين کيس رسائي هوندي هئي ۽پئسي واري کي ڏسي کيس گرفتار ڪري کڻي ويندو هيو، هن عسڪري ادارن کي پڻ بدنام پئي ڪيو جو پڪڙيلن جا وارث وٽس ويندا هئا ته کين چوندو هيو مون وٽ ناهي مٿيان کڻي ويا اٿس، پوءِ پئسن جي ڏيتي ليتي ڪري لکين رپيا کانئن ڦري سندن ماڻهو ڇڏيندو هيو، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾اربين رپين جي وڏي ملڪيت بڻائي اٿس، مٿس تمام گهڻا الزام لڳندا رهيا پر هر ڀيري سنڌ حڪومت سندس ڀرجهلو بڻجي کيس ملير ضلعي ۾ئي مقرر ڪندي رهي، خدا جي خلق جون آهون جڏھن عرش کي ڏڪائڻ لڳيون، نيٺ هڪ بي گناهه  نقيب پٺاڻ جي خون کيس خوار ڪري وڌو آهي، هي پنهنجي پوليس آفيسرن کي به ٽارچر ڪندو هيو هڪ سنڌي پوليس سب انسپيڪٽر محراب کوسي ملير جي زمينن تان قبضا ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس رات جو اغوا ڪري ٽارچر سيل ۾ پنجويھه ڏينهن تشدد ڪري مٿس ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيائين، جيڪو هن جي ظلم ڪري نوڪري ڇڏي سکر وڃي مينهن جو واڙو کولي کير وڪڻڻ لڳو آهي.

سنڌ حڪومت سدائين پنهنجي مٿي تي خواري جا ٽوڪرا کنيو وتندي آهي،جيئن اي ڊي خواجي کي هٽائڻ سندس مٿي جو سور بڻجي چڪو آهي. ننڍڙين ڳالهين ڪري پاڻ تي خلق کلائي رهي آهي، خدا کيس سڌرڻ جي توفيق ڏئي ۽ههڙن بڇڙي ڪرداررکندڙ ماڻهن بجاءِ صالح ايماندار آفيسرن بشير ميمڻ جهڙن کي اهميت ڏيئي وڃايل ساک واپس ورائي. هي ملڪ آهي يا ڪوس گهر بڻايو ويو آهي، شاهراهه فيصل تي پنجن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ راهه ويندي پوليس جي رهزنن هٿان ماريو ويو آهي ڪنهن به بي رحم آ فيسر جي اک مان ڳوڙهو نه ڳڙيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاصمه جهانگير هميشه دلين ۾ زنده رهندي

تنوير زمان خان / لنڊن عاصمه جهانگير جي دل هن دنيا کان ڏور هلي وئي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے