15 اربع , آگسٽ 2018

انصاف هر ڪنهن جو حق آهي

ڪراچيءَ اندر مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريل ڏکڻ وزيرستان جي نوجوان نقيب الله واري معاملي جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي جي سفارش تي ايس ايس پي ملير رائو انوار توڙي ان مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.معطل ٿيلن ۾ ايس پي جاچ ملڪ الطاف ۽ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ امان الله مروت به شامل آهن.

هي معاملو ميڊيا خاص ڪري سوشل ميڊيا تي اثرائتي نموني کڄڻ کان پوءِ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا پوليس کاتي جي دهشت گردي جي ٽوڙ واري شعبي يعني سي ٽي ڊي جي سربراهه ايڊيشنل آءِ جي ثناءُ الله عباسي جي اڳواڻي ۾ ڊي آءِ جي سلطان خواجا ۽ ڊي آءِ جي آزاد خان تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ڪميٽيءَ اڳيان رائو انوار به بيان رڪارڊ ڪرايو، جڏهن ته ڪميٽيءَ جيل ۾ وڃي قيدين جا بيان به رڪارڊ ڪيا. ان سڄي ڪارروائي کان پوءِ ڪميٽيءَ رائو انوار کي معطل ڪرڻ، سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ يعني اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جي سفارش به ڪئي. ڪميٽيءَ جي سفارشن کان پوءِ رائو انوار کي معطل ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته هن معاملي ۾ قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.

ڏٺو وڃي ته ڪوڙا مقابلا يا عدالت کان مٿانهان قتل ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي، هتي پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن جي به اثر ۾ نه هئڻ ڪري هميشه بي لغام پئي رهيا آهن. جنهن جو نتيجو اهو رهيو آهي جو سنڌ ته پنهنجي جاءِ تي پر سڄي ملڪ ۾ الائجي ڪيترا اهڙا مقابلا ٿيندا رهيا آهن جن جو کاڄ بي ڏوهي بڻيا آهن ۽ مقتولن جي وارثن سان ڪڏهن به ڪو داد ۽ فرياد نه ٿيو آهي. جيتري قدر نقيب الله جي قتل جو سوال آهي ته رڳو نقيب الله ئي نه پر گذريل سال ڏيڍ کان ڪراچيءَ ۾ خاص ڪري ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ ۽ رائو انوار جي اڳواڻيءَ ۾ الائجي ڪيترا مقابلا ٿيا به آهن جن ۾ سڪن سان گڏ ساوا به سڙجندا رهيا آهن پر جيئن ته شهر ۾ دهشت گردن، ٽارگيٽ ڪلرن، ڀتا خورن ۽ ڀنگ لاءِ اغوائون ڪندڙن خلاف پنج سيپٽمبر 2013 کان وٺي ٽارگيٽڊ آپريشن هلندڙ آهي تنهن ڪري مقابلن ۾ جيڪي مرندا رهيا آهن يا جن کي ماريو پئي ويندو رهيو آهي تن جي نه ته وارثن کي سگهه ٿي آهي جو انهن جو ڪو اثرائتو ڪيس ڳائي سگهن نه ئي وري قانون جي ادارن ڪا زحمت ڪئي آهي ته جاچ لهن ته جيڪي ماريا وڃن پيا سي واقعي به ڏوهاري هئا، دهشت گرد هئا، ٽارگيٽ ڪلر هئا يا ڌاڙيل هئا يا بس ايئن ئي آپريشن جو ناجائز فائدو وٺندي جنهن کي وڻيو تنهن کي ماريو ويو.

قانون ان ڪري جڙندا آهن جو انهن تي عمل ٿئي ۽ قانون تحت متاثر کي به انصاف ملي ۽ جيڪو وري ڏوهه جو ڏوهاري هجي تنهن کي به قانون تحت سزا ملي پر بدقسمتيءَ سان اسان جنهن ملڪ ۽ جنهن سماج ۾ رهون ٿا تنهن ۾ ادارا ۽ فرد قانون کان مٿانهان رهيا آهن جنهن جو نتيجو عدالت کان مٿانهان قتلن جي صورت ۾ اسان ڏسي چڪا آهيون ۽ ڏسي رهيا به آهيون. قانون جيئن ته هر فرد تي لاڳو ٿئي ٿو جيترو ڏوهاريءَ تي لاڳو ٿئي ٿو اوترو قانون تي عمل جا زميوار قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عملدار به هجن ٿا. قانون ۾ هڪ ڏوهاري سان ڪيئن پيش اچي تنهن جو به چڱي نموني ڇيد ٿيل آهي. جيڪڏهن ڪو دهشتگرد آهي، ڪو ٽارگيٽ ڪلر آهي ڪو ڀتا خور آهي يا ڪنهن ملڪ خلاف ڪم ڪيو آهي ۽ ان جا پڪا ثبوت موجود آهن ته ان جو طريقو به اهو آهي ته انهن ثبوتن سميت عدالت سان رابطو ڪيو وڃي ۽ مڪمل قانوني ڪارروائي جي ذريعي ڪنهن به ڪيس جو فيصلو ٿئي ته ان کي انصاف جون گهرجون پوريون ٿين چئي سگهجي ٿو پر جيڪڏهن قانون کي ليکن ئي نه ها ته جنهن کي جيڏي مهل وڻي کڻي لاش اڇلائي ڇڏجي پوءِ ان کي ڏوهاري، دهشت گرد يا ملڪ دشمن قرار ڏجي ته اهو قطئي طور قانوني طور يا عدالتي طور درست ناهي.

نه رڳو نقيب الله پر اهڙي قسم جا جيڪي به جڙتو ۽ ڪوڙا مقابلا جتي به ٿيا آهن جنهن به ڪيا آهن انهن جو اڄ جي متحرڪ عدليا کي سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي نه رڳو نوٽيس وٺڻ گهرجي پر جيڪو به قانون جو ۽ عهدي جو ناجائز استعمال ڪري ٿو چورن کي ساڌ، ۽ ساڌن کي چور قرار ڏئي ٿو، هن قوم جي نوجوانن کي جڙتو مقابلن ۾ ماري ڏوهاري دهشت گرد، ايتري قدر جو ملڪ دشمن قرار ڏئي انهن جا لاش لاوارث ڪري اڇلائي ٿو ڇڏي، تن خلاف به قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ کپي. قانون خلاف ڏوهاري وڃي يا قانون تي عمل ڪرڻ جو زميوار شخص يا ادارو، انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ جي صورت ۾ ئي هن سماج کي انصاف جي دڳ تي آڻي سگهجي ٿو ۽ اهو چئي سگهجي ٿو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي قانون کان ڪير به مٿانهون ناهي.

سومر 22 جنوري  2018ع، 4 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قطب رند جو ٽيون قاتل ڪير آهي؟

سنڌ جي آرٽسٽ ۽ تخليقار قطب رند جي قتل جي ڳجهارت جهڙوڪر هاڻي ڀڄي پئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے