18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

متحد عراق جي حق ۾ آهيون: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته اسان جي حڪومت عراق جي اتحاد لاءِ ڪردن سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿي. حسن روحاني اهڙو بيان ڪرد اڳواڻ بارزاني جي ايران جي دوري دوران ڏنو آهي. 25 سيپٽمبر 2017ع تي آزادي بابت تڪراري ريفرنڊم کانپوءِ بارزاني طرفان اهو ايران جو پهريون دورو آهي، ڪيترن ئي ملڪن جيان تهران حڪومت به ان ريفرنڊم جي مخالفت ڪئي هئي. ايراني ميڊيا موجب حسن روحاني عراق جي اتحاد لاءِ ڪردن سان ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے