17 جمعو , آگسٽ 2018

پنجاب ۾ گهٽ اگهه تي ڪمند خريد ڪندڙ شگر ملز مالڪن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ آبادگارن کان گهٽ اگهه تي ڪمند خريد ڪندڙ شگر ملز مالڪن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. اوڪاڙا ۾ آبادگارن کان سرڪاري اگهه کان گهٽ معاوضي تي زبردستي ڪمند خريد ڪندڙ شگر ملز خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  پنجاب ۾ گهٽ اگهن تي ڪمند خريد ڪندڙ شگر ملز مالڪن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. حڪومت طرفان جن شگر ملز مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن تنهن ۾ عبدالله شگر ملز، بابا فريد شگر ملز ۽ مڪا شگر ملز شامل آهي. ملز مالڪن تي الزام آهي ته هنن حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهه کان گهٽ معاوضي تي آبادگارن کان زبردستي ڪمند خريد ڪيو آهي. ذريعن موجب عبدالله ۽ بابا فريد شگر ملز جي جنرل مئنيجرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Money Laundering Scandal: Asif Zardari by consulting with lawyers After all, the decision to not be submitted in the Supreme Court

مني لانڊرنگ ڪيس: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے