27 آچر , مئي 2018

ڀارتي فوج جي نڪيال سيڪٽر تي فائرنگ، عورت سميت 2 شهري شهيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فوج جي نڪيال سيڪٽر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڀارتي آفيس ڀارتي ڊپٽِ هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو.  پرڏيهي آفيس ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي طلب ڪري لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فائرنگ ۾ عورت سميت ٻن شهرين جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ايل او سي جي نڪيال سيڪٽر تي ڀارت جي 18 چوڪين تان بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 33 ورهين جو دل محمد ۽ 25 ورهين جي نفيسه شهيد ٿي ويا جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 مهينن جي نينگري ۽ 2 عورتون سخت زخمي ٿي پيون آهن. زخمين ۾ 26 ورهين جي صاحبه زال ماجد ۽ ڇهن مهينن جي نينگري نور ڌيءَ ماجد ۽ 38 ورهين جي نسيما زال خامد حسين شامل آهن.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي احتجاجي خط ڏئي چيو ويو ته شهري آبادي تي فائرنگ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. ترجمان موجب ڀارت 2003ع جي جنگبندي جي ٺاهه جي پاسداري ڪري، ڀارت جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي واقعن جي جاچ ڪري، ڀارت گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision of the caretaker Prime Minister will now be a parliamentary committee: Khawaja Asif

نگران وزيراعظم جو فيصلو هاڻي پارلياماني ڪميٽي ڪندي: خواجه آصف

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عدم برداشت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے