21 بدھ , فروری 2018
نڪور خبرون

هڪ هفتي ۾ شريعت لاڳو نه ٿي ته پنجاب کي بند ڪري ڇڏينداسين: پير حميد الدين سيالوي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پير حميد الدين سيالوي شريعت لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي هڪ هفتي جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي. لاهور ۾ داتا درٻار ٻاهران جلسي کي خطاب ڪندي پير حميد الدين سيالوي چيو ته مان ختم نبوت تحريڪ کي مرڻ گهڙي تائين جاري رکندس ۽ عوام به تحريڪ کي اڳتي وڌائي ۽ عهد ڪن ته قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ پاڻ کي تبديل ڪندا. هن چيو ته مان حڪومت کي شريعت لاڳو ڪرڻ لاءِ ستن ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيو آهيان جڏهن نظام مصطفيٰ لاڳو نه ڪيو ويو ته سڄي پنجاب ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته حڪمرانن قرآن ۽ سنت کي سيني تي لڳائڻ بدران راڻا ثناءَ الله کي سيني سان لڳايو آهي اهڙن ماڻهن کي ووٽ نه ڏيڻ گهرجي. پير حميد الدين سيالوي چيو ته هر شهر ۾ نينگرين کي قتل ڪيو پيو وڃي پر حڪومت ڪنهن به قاتل کي گرفتار نه ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو عدالت کان اجازت نه ملڻ جي باوجود لنڊن وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف نيب ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے