21 پیر , مئی 2018

چيف جسٽس طرفان حمزا شهباز جي گهر ٻاهران رنڊڪون فوري هٽائڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار ايم اين اي حمزا شهباز جي گهر ٻاهران رنڊڪون فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار غير قانوني رنڊڪن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري پنجاب حمزا شهباز جي گهر ٻاهران فوري طور رنڊڪون هٽائڻ جي خاطري ڪرائي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته حمزا شهباز جي گهر ٻاهران رنڊڪون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته مان چيف جسٽس آهيان منهنجي گهر ٻاهران ته ڪا رنڊڪ ناهي. سندس چوڻ هو ته حمزا شهباز جي حياتي کي خطرو آهي ته پنهنجي رهائش تبديل ڪري، هي ماڻهو اتي ڇو نه ٿا وڃن جتي سندن حياتي کي خطرو ناهي. چيف جسٽس چيو ته حمزا شهباز کي به گهرائي پڇنداسين ته سندس حياتي کي ڪهڙو خطرو آهي. هن چيو ته مان حمزا شهباز کي نه ٿو سڃاڻان، اڳتي حمزا شهباز جي گهر ٻاهران سڪيورٽي اهلڪار چڍي پهري يا اگهاڙا وهنجندي نظر نه اچن، سندس گهر جي ڀرپاسي اسان جون نياڻيون آباد آهن، اڳتي ڪا شڪايت ٿي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Today, temperatures remain intensely in Karachi, whereas 44 expectations are expected to reach

ڪراچي ۾ اڄ به گرميءَ جي شدت برقرار، پارو 44 ڊگري تائين پهچڻ جا امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سامونڊي هوائن بيهڻ بعد اڄ به درجه حرارت 44 ڊگري سينٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے