19 پیر , فروری 2018

نقيب الله بيگناهه ثابت، رائو انوار 85 اربن جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث، معطل، گرفتاري جي سفارش

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) نوجوان نقيب الله محسود کي مقابلي ۾ مارڻ بعد ايس ايس پي رائو انوار کي هٽايو ويو. ڪميٽي اي سي ايل ۾ نالو داخل ڪري گرفتاري جي سفارش ڪري ڇڏي، جنهن بعد ايس ايس پي ملير رائو انوار کي هٽايو ويو، عديل چانڊيو ايس ايس پي ملير مقرر ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ پاران وفاقي سرڪار ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکيو ويو، آءِ جي جاچ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته پنجن ڏينهن اندر رپورٽ مڪمل ڪئي وڃي. ايس ايس پي ملير رائو انوار پاران نقيب الله محسود کي مقابلي ۾ مارڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي، گذريل ڏينهن جاچ ڪميٽي پاران آءِ جي سنڌ کي سفارش ڪئي وئي ته رائو انوار کي عهدي تان هٽايو وڃي ڇو ته هلندڙ انويسٽيگيشن ۾ رائو انوار اثر انداز ٿي سگهي ٿو، ڪميٽي جي سفارش تي آءِ جي سنڌ رائو انوار کي هٽائي ڇڏيو سندس جاءِ تي ايس ايس پي سٽي عديل چانڊيو کي ايس ايس پي ملير مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ملير جي انويسٽيگيشن ايس ايس پي ملڪ الطاف کي پڻ هٽايو ويو، جنهن جي جاءِ تي عابد قائمخاني کي ايس ايس پي انويسٽيگيشن ملير مقرر ڪيو ويو. جاچ ڪميٽي پاران آءِ جي سنڌ کي موڪليل سفارشن ۾ اهو پڻ لکيو ويو آهي ته هي معاملو سنگين نوعيت جو آهي ان ڪري رائو انوار کي عهدي تان هٽائي معطل پڻ ڪيو وڃي ته جيئن هو جاچ تي اثر انداز نه ٿي سگهي، جاچ ڪميٽي جي سربراهه ثناءَ الله عباسي پاران آءِ جي سنڌ کي اماڻيل رپورٽ ۾ اها پڻ سفارش ڪئي وئي آهي ته رائو انوار جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ فوري طور تي وفاقي گهرو وزارت سان رابطو ڪيو وڃي. ڪميٽي چيو آهي ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي وڃي ته هو رائو انوار ۽ ملڪ الطاف سميت جاچ ۾ شامل پوري ٽيم کي پابند بڻائي ته هو ڪميٽي آڏو پيش ٿين ۽ ڪميٽي کي صحيح ڄاڻ ڏين. آءِ جي سنڌ پاران اهڙي رپورٽ کان پوءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته هو رائو انوار سميت پوري ٽيم کي ڪميٽي سان تعاون ڪرڻ جو پابند بڻائي. آءِ جي سنڌ رائو انوار جي معطلي لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط پڻ لکي ڇڏيو گڏوگڏ وفاقي گهرو وزارت کي پڻ سفارش ڪئي وئي ته رائو انوار جو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو شامل ڪيو وڃي. جاچ ٽيم نقيب الله کي مارڻ وارو مقابلو شڪي قرار ڏنو آهي. رپورٽ موجب مقتولن جي طرف کان فائرنگ جا ثبوت ناهن مليا، جڏهن ته ٻاهران پوليس فائرنگ جا نشان موجود آهن. گهر جي ٻن ڪمرن مان ٻن، ٻن ڄڻن جا لاش مليا. گهر مان ملندڙ خوراڪ جي شين مان به لڳي ٿو ته سامان بعد ۾ آڻي رکيو ويو آهي. هوڏانهن ذريعن موجب رائو انوار جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ٿي ويو آهي. هن دبئي وڃڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هوڏانهن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، جن ۾ امان الله مروت به شامل آهي. نقيب الله کي شڪي مقابلي ۾ ماريندڙ ايس پي رائو انوار بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هن 85 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي آهي. ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ هڪ پوليس آفيسر ٻڌايو ته رائو انوار اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 10 ۾ 50 ڪروڙ رپين جو گهر خريد ڪيو، 2012ع کان 2017ع تائين 90 ڀيرا دبئي ويو. هن ملير ۾ مقرري ان ڪري ڪرائي جو هو ايئرپورٽ کي پنهنجي حد ۾ ڪرڻ چاهي پيو.ذريعن موجب رائو انوار ملير ۾مقرري دوران 85 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ جو سبب ن ليگ سرڪار آهي: حنا کر

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته مسلم ليگ ن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے