21 پیر , مئی 2018

انتظار قتل ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان عدالتي جاچ لاءِ جج ڏيڻ کان انڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل جي اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان انتظار احمد جي قتل جي عدالتي جاچ لاءِ جج مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه انتظار احمد قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل انڪوائريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ صوبائي گهرو کاتي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ کي باقاعده هڪ درخواست به ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ مقرر جج کي هدايت ڪئي آهي ته هو معاملي تي قانون موجب ڪارروائي ڪري ۽ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي کان صوبائي حڪومت کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار کي جوابي خط ۾ چيو آهي ته انتظار قتل ڪيس ۾ مجموعي ضابطا ديواني جي شق 22 اي ۽ 22 بي جي موجودگي سبب معاملي جي عدالتي جاچ نه ٿي ڪري سگهجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته 2005ع ۾ واضح ڪيل پاليسي تحت عدالتي جاچ جو اختيار سيشن جج کي منتقل ٿي چڪو آهي تنهن ڪري 2005ع جي عدالتي فيصلي موجب سيشن جج پاڻ يا ايڊيشنل سيشن جج کان عدالتي جاچ ڪرائي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The PML-N today responded to the 100-day TTP's post

مسلم ليگ(ن) اڄ پي ٽي آءِ جي 100 ڏينهن واري ايجنڊي جو جواب ڏيندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) اڄ تحريڪ انصاف جي طرفان پيش ڪيل 100 ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے