21 بدھ , فروری 2018

نقيب الله محسود کي مقابلي ۾ ماريندڙ سموري پوليس پارٽي معطل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ شڪي مقابلو ڪري نوجوان نقيب الله محسود کي قتل ڪندڙ سموري پوليس پارٽيءَ کي معطل ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب وقتي ڪراچي پوليس چيف آفتاب پٺاڻ شاهه لطيف ٽائون ۾ شڪي مقابلو ڪندڙ سموري پوليس پارٽي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطل ٿيل اهلڪارن ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او امان الله مروت به شامل آهي. ٻين اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ فدا حسين، هيڊ ڪانسٽيبل صداقت شاهه، هيڊ ڪانسٽيبل محسن عباس، ڪانسٽيبل راجا شميم مختار ۽ ڪانسٽيبل رانا رياض احمد شامل آهن. نقيب الله محسود ڪيس ۾ ايس ايس پي رائو انوار کي معطل ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے