21 بدھ , فروری 2018

سرڪار کي شگر مل مالڪن ۽ آبادگارن هڪ ڪرو ڪري ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي

                         زراعت کاتي جي وزير جي صدارت ۾ سڏايل ڪمند جي آبادگارن ۽ پاسما جي نمائندن وچ ۾ ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون آهن، معاملن کي بهتر بڻائڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ورتي وئي آهي، زراعت واري وزير جي صدارت ۾ آبادگارن ۽ شگر مل مالڪن جي تنظيم پاسما وچ ۾ ڪمند جي اگهه بابت ڳالهيون ڪيون ويون، آبادگارن جو مطالبو هئو ته عدالتي فيصلي موجب سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪمند جو في مڻ ملهه 182 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عدالت جي هدايت ڪيل آهي ته آبادگارن کي ڪمند جو في مڻ ملهه 172 ادا ڪيو وڃي ۽ 10 رپيا عدالت ۾ جمع ڪرايا وڃن، سنڌ حڪومت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن خلاف آبادگارن جو احتجاج به جاري رهيو آهي. آبادگارن ۽ شگر مل مالڪن کي زراعت واري وزير پنهنجي آفيس ۾ اجلاس ڪوٺائي معاملن کي نبيرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کي آمهون سامهون ويهاريو ويو پر معاملو نبيرڻ بجاءِ نتيجي ڏيڻ بنا اينگهجي ويو، جنهن تي زراعت کاتي جي وزير لاڳاپيل ڌرين کي هڪ هنڌ ويهي معاملي کي نبيرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ڏني آهي. اجلاس ۾ پاسما ۽ آبادگار اڳواڻن وچ ۾ ڪمند جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ تي تڪرار جاري رهيو جيڪو ڪنهن به ريت چڱو ۽ درست عمل ناهي.

سڀ کان وڌيڪ اهم ته عدالت جو فيصلو آهي جنهن تي هر حال ۾ عمل ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو آبادگارن کي نقصان ڏئي زراعت کي ترقي نٿي ڏياري سگهجي، جڏهن ته پاسما کي سرڪار 3 ارب رپيا سبسڊي به ڏني آهي، تنهن باوجود به پاسما جو چيئرمين کنڊ جو اگهه گهٽ هجڻ جو بهانو بڻائي عدالتي حڪم جي توهين ڪندي نظر آيو آهي.جنهن جو عدالت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ سرڪار جي ڄاڻايل معاملي جي سنجيدگيءَ کان ڪن لاٽار ڪرڻ جو به نوٽيس ورتو وڃي، ته جيئن ڪمند جي آبادگارن جو نقصان نه ٿئي، ڇاڪاڻ جو ڪمند جي واڍي نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پوکائي متاثر ٿي آهي، اصل ۾ سرڪار کي سبسڊي متاثر آبادگارن کي ڏيڻ گهرجي ها پر جيئن ته شگر مل مالڪن ۾هڪ بااثر مالڪ به شامل آهن جن هن پاسما کي اڳتي آڻي آبادگارن جي مسئلي کي حل ڪرڻ بدران اينگهائي ڇڏيو آهي.

آبادگار اڳواڻن جو موقف آهي ته شگر مل مالڪ پاسما کي هٿيار طور ڪتب آڻي رهيا آهن، سنڌ ۾ ڪمند جو مقرر ڪيل سرڪاري اگهه نه ڏيڻ بعد پاسما پنجاب مان 200 رپيا في مڻ ڪمند خريد ڪري رهي آهي پر سنڌ جي آبادگارن کي عدالت پاران مقرر ڪيل اگهه 182 رپيا ڏيڻ کان نٽايو پيو وڃي. تنهن جي ڪري ڪمند جي آبادگارن جو نقصان ٿي رهيو آهي. جنهن جو ازالو ڪرڻ نهايت ئي ضروري آهي.

گذريل چئن مهينن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود آبادگارن ۽ شگر مل مالڪن وچ ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن جنهن جو ڪو به نتيجو سامهون ناهي اچي سگهيو. آبادگارن جو احتجاج به ڪنهن ليکي ۾ ناهي آندو ويو ۽ سنڌ سرڪار به آبادگارن جي مسئلن کي اينگهائي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو معاملا ته طئي ٿيل آهن ۽ عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر سڀ کان وڏي رنڊڪ هڪ بااثر مل مالڪ  بڻيل آهي، جيڪو ڪنهن به ريت آبادگارن کي هيٺاهون ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي ضد/هوڏ تي بيٺل رهيو آهي. جنهن جي ڪري معاملا نبرڻ بجاءِ منجهندا رهيا آهن، آبادگارن جو اهو چوڻ ته پنجاب ۾ 48 شگر ملون ڪمند جي پيڙائي ڪري رهيون آهن ۽ آبادگارن کان مقرر ڪيل اگهه تي ڪمند خريدي رهيون آهن پر سنڌ ۾ شگر مل مالڪن جي هوڏ جاري آهي ۽ نالي ماتر شگرملون ڪمند جي پيڙائي ڪري رهيون آهن. جن جو چوڻ آهي ته آبادگارن کي ڪمند جو في مڻ ملهه 130 رپيا ڏئي سگهون ٿا. زراعت واري وزير معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ ڌرين کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏييندي آخري اجلاس ۾ معاملن کي نبيرڻ جي اميد ڏيکاري آهي. آبادگارن جو موقف آهي ته زراعت جو وزير شگر مل مالڪن جي نمائندگي ڪندي کنڊ جي اسٽاڪ هجڻ ۽ وفاقي سرڪار جي کنڊ نه خريدڻ واري پاليسي جو ناقص هجڻ سبب ٻڌائي ٿو جنهن سان سنڌ جي زراعت تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. اسان جي تجويز اها آهي ته شگر ملن کي ڏنل سبسڊي برقرار رکندي، ايتري ئي سبسڊي آبادگارن کي به ڏني وڃي ته جيئن ڳالهين کي ڪاميابي ڏانهن وڌڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ سرڪار کي ٻنهي ڌرين جي مفادن جي نگهباني ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ملڪي معاملن کي حل ڪرڻ جي ذميواري سرڪار مٿان اچي ٿي ۽ سنڌ سرڪار کي شگر مل مالڪن ۽ آبادگارن کي ٻن اکين جهڙو ۽ هڪ ڪرو ڪري ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

آچر 21 جنوري  2018ع، 3 جمادي الاول 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاندار تعليمي معيار جو شرط: بهترين استاد ۽ ايماندار آفيسر

سنڌ سرڪار صوبي ۾ انگريزي جي تعليم ۾ بهتري لاءِ انتهائي اهم ڪوششون ڪري رهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے