22 منگل , مئی 2018

هيمون ڪالاڻي سنڌ جو ناز

الطاف  شيخ

هيمون ڪالاڻي هيمون (اصل نالو راهي هيمن) ۱۱ مارچ ۱۹۲۴ع تي سکر جي شهر ۾ پيسومل ڪالاڻي جي گهر ۾ ڄائو. گهر ڀاتي کيس پيار مان هيمون سڏيندا هئا. پاڻ تحريڪ آزادي جو سورهيه ۽ سچو سپاهي ٿي گذريو آهي. هن وطن جي آزاديءَ خاطر انگريز سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ۱۹ ورهين جي ڄمار ۾ ڦاهي کي چمي ڏئي پنهنجو سر ڏنو ۽ پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو.

هيمون ڪالاڻي، پرائمري تعليم لوڪمانيه تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتو ته هن سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. اهو ۱۹۴۱ع وارو زمانو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ انگريزن خلاف نفرت جا مچ پئي ٻريا. هيمونءَ پنهنجي ساٿين سان گڏ دادا ٿانورداس گدومل جي اڳواڻيءَ هيٺ برٽش حڪومت جي ظالم سماج خلاف بغاوت شروع ڪئي. ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۴۱ع تي هيمونءَ کي خبر پئي ته انگريز فوج سان ڀريل هڪ ريل گاڏي جنهن ۾ بارود پڻ رکيل آهي، سا روهڙي سکر کان ٿيندي ڪوئيٽا وڃڻ واري آهي، جنهن وسيلي سرحد ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي ڪچليو ويندو. هيمونءَ پنهنجن ساٿين سان پروگرام ٺاهيو ته ريل جا پٽا اکيڙي ريل کي ڪيرايو وڃي. مقرر وقت تي جڏهن هيمون ۽ ان جا ساٿي اهو ڪم ڪري رهيا هئا ته هڪ پوليس واري جي مٿن نظر پئجي وئي. هيمونءَ جا ساٿي ته ڀڄي ويا پر هيمون جهلجي پيو. گرفتار ٿيڻ کانپوءِ 22 ڏينهن پوليس مٿس طرح طرح جا ظلم ۽ سختيون ڪيون پر هيمون ڪجهه نه ڪڇيو. آخر انگريزن ان ڏوهه ۾ مٿس ڪيس هلايو، جيڪو چوڏهن مهينا هلندو رهيو. انگريزن گهڻو ئي چاهيو ته هي فقط پڇتاءُ ڪري ۽ معافي وٺي ته ڇڏي ڏينس پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. سندس ڪيس سکر مارشل لا ڪورٽ ۾ هليو، جتان جنم ٽيپ جو فيصلو ڪري حيدرآباد جي فوجي ڪمانڊر آفيسر ڪرنل رچرڊسن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن ان سزا کي موت جي سزا ۾ بدلائي ڇڏيو. سنڌ جي اعليٰ سماجي ۽ سياسي شخصيتن هن نوجوان جي جان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ هيمون کي منٿون ڪندا رهيا ته هو رحم جي اپيل تي صحيح ڪري پر هن رحم جي اپيل ڪرڻ بدران عزت جي موت کي اوليت ڏني. ۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع جي صبح جو اسر مهل کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.

هيمون شيخ اياز جو همعصر چئي سگهجي ٿو. شيخ اياز هيمونءَ جي جنم کان پورو هڪ سال اڳ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور ۾ ڄائو هو. ممبئي ۾ هجڻ دوران مون کي اها به خبر پئي ته هيمونءَ جي هڪ ڀيڻ جيڪا اڃا حيات آهي ممبئي ۾ ئي رهي ٿي.

هيمو ڪالاڻي جو جنم ۲۳ مارچ ۱۹۲۳ع تي پراڻي سکر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو، جڏهن ته هيمون کيس پيار مان ڪوٺيو ويندو هو.

جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرانا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. سال ۱۹۴۲ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. اهو اهڙو جذباتي دور هو جو ماڻهن جي دلين ۾ انگريز سامراج لاءِ نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. اهڙن پڙاڏن کان سکر جو هي نوجوان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو. سندس دل ۾ آزادي جي تڙپ ۽ انگريزن خلاف ڌڪار هن کي بيچين ڪري وڌو هو.

اها 23 آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمونءَ کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمونءَ جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو. هيمون ڪالاڻي تي بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو.

لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا شايد هڪ نابالغ ٻار کي ڏنل پهرين موت جي سزا هئي. هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءُ هجي پوءِ معافي ڇا جي؟ جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو رهندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس. هيمون ڪالاڻيءَ کي پاڻمرادو معافي نه ڏني وئي، ۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع ڌاري هيمون ڪالاڻي پنهنجي عمر جي حساب سان اڃا نابالغ هو جڏهن کيس ڦاسي ڏني وئي. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي سگهي جو هڪ معصوم ٻار تختي دار تي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمي موت قبول ڪيو هجي.

(الطاف شيخ جي ڪتاب ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ تان ورتل)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽي جي بردباري کان نواز شريف جي بي تابيءَ تائين…

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ لولي لنگڙي ۽ انڌي منڊي جمهوريت هزار دفعا آمريت ۽ مارشل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے