21 بدھ , فروری 2018

شهيد هيمون ڪالاڻي

جنهن وقت،

سکر جيل ۾ قيد،

شهيد هيمون ڪالاڻي،

ڦاهيءَ جي ڦندي کي چُمي،

پنهنجي اوچي ڳاٽ ۾،

وجهي رهيو هو،

ان ويلي- ڦاهيءَ جو ڦندو،

فخر سان اُوچو ۽ ويڪرو ٿي ويو هو.

هيمون ڪالاڻي جي امڙ،

پنهنجي حلالي پُٽ جي حب الوطني،

بهادري ۽ سورهيائيءَ کي،

سلام ڪندي،

وڏي فخر سان،

کيس پنهنجي سيني سان لائي،

پنهنجي ”مقدس ٿڃ“ بخشي هئي.

جنهن وڏي شان ۽ مان سان،

پنهنجي شهيد پٽ کي،

ڌرتي ماءُ جي جهوليءَ حوالي ڪيو هو.

تڏهن چندر شيکر آزاد،

ڀڳت سنگهھ، سک ديو ۽ راج گرو،

کيس هزارين شهيدن جي جلوس ۾،

شاندار آجياڻو ڏنو هو.

ادل سولنگي

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

لانگ مارچ تي نڪتل دوستن کي صلاح: سنڌيءَ ۾ نالا لکڻ جي مهم ۾ به هٿ وجهو

زرار  پيرزادو ڪالهه انور پيرزادو اڪيڊمي واٽس ايپ گروپ تي محترمه سڪينا امام نالي هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے