18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ظرف جي ڳولا

ڊاڪٽر غفور  ميمڻ

ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته ظرف گرامر ۾ ٻوليءَ جو اهو لفظ آهي جنهن مان ريت ، قدر، جاءِ ۽ وقت جي معنيٰ  نڪري. پر آهستي آهستي معلوم ٿيو ته ماڻهو به ظرف وارو ٿيندو آهي معنيٰ منجهس، قدر  هجن سندس ريت سٺي هجي، جنهن جاءِ تي هجي ان جو ماحول سٺو ٺاهي يا وري سٺي جاءِ تي آهي ته ان جو پاڻ کي لائق ثابت ڪري، وقت کي سمجهي، اهو سندس حق ۾ آهي ته شڪر ادا ڪري ۽ خلق  جي خدمت ڪري جي وقت سندس حق ۾ ناهي ته صبر ڪري. ظرف اسان جي عمر سان گڏ سفر ڪندو رهيو آهي.

ننڍي هوندي ڏسندا هئاسين ڪڪڙ آنو لاهيندي هئي ، ته ٽان ٽان ڪري سڄي ڳوٺ کي ٻڌائيندي هئي. ته هن آنو لاٿو آهي، وڏا چوندا هئا. اها بابا ٽرڙي ڪڪڙ آهي، اصيل ڪڪڙ ڪڏهن به ائين ٽان ٽان نه ڪندي آهي. خبر پئي ته ظرف نسلي به ٿيندو آهي ظرف حسب نسب به ٻڌائيندو آهي،

هڪ اردو شعر اڪثر اسان کي اسڪول ۾ استاد ٻڌائيندو هو.

ڪهه رها هي شور دريا سي سمندرڪا سڪوت

ڪ جتنا ظرف هي ،  اتنا  هي وه خاموش هي.

وري شاهه لطيف جو مطالعو ڪيو سين ته خبر پئي ته خاموشي  صبر کان شروع ٿئي ٿي، جن صبر ڪرڻ سکيو اهي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ويا. معنيٰ جنهن ۾ جيترو ظرف آهي اهو اوترو صبر ڪري ٿو.

انهيءَ ڪري شاهه لطيف چيو هو ته :

نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين

سڙي سارو ڏينهن،  ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

پيار ، محبت ، پريم جيڪو انساني جذبو آهي ، اهو اسان کي صبر ڪرڻ، سهڻ، درگذر ڪرڻ ، خاموش رهڻ سيکاري ٿو.  ڀٽائي چيو ته :

آيل آئون نه وسهان هنجون جي هارين

سڄڻ جي سارين ، سي رون نه چون ڪن.

ائين به ناهي ته رڳو خاموش رهجي ، پر ٽان ٽان ڪرڻ واجب ناهي جتي ڳالهه ڪرڻ واجب هجي اتي ضرور ڪجي ڀٽائي انهيءَ لاءِ چيو هو ته

ڳلين مَ ڳريج ، روئي ڪِج مَ پڌرا

تان سوراڻي سهيج، جان ڪو لاهيندڙ لهين.

پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايڏو شور ڇو آهي، اسان جي سماج ۾ ايڏو گوڙ ڇو آهي؟ سبڪو پاڻ ٿو پڏائي، سڀ ڪو چوي ته آئون وڏي شيءِ، عالم به آئون، امير به آئون، معتبر به آئون، مون کان سواءِ دنيا اڌوري آهي، زندگي جي هر شعبي ۾ اها ”آئون“ جي بيماري وڌي وئي آهي.جڏهن کان فيس بڪ شروع ٿيو آهي ماڻهو پنهنجي باٿ روم جي تصوير به ڪڍي فيس بڪ تي رکن  ٿا اهو مرض ايترو وڌيو آهي جو ماڻهو سڄو ڏينهن فيس بڪ تي تصويرون رکي ٿو وري ان کي لائيڪ ڪرڻ وارن کي جاچي ٿو ، ماڻهو  جي دوستي  ۽ دشمني جو تعين به انهيءَ فيس بڪ تي ٿئي ٿو.  صورتحال اها آهي ته فيس بڪي ڪمپني هڪ ٻئي جي ساراهه ڪرڻ ۾ پوري هوندي آهي . هي توهان ڪنهن کي گاريون ڏيو سڀ انهيءَ کي گاريون ڏيندا توهان ڪنهن کي ديوتا ٺاهي ڇڏيو سڀ انهيءَ کي پوڄيندا . ڇا مذاق آهي.  آهي ڪو عقل فهم ، سوچ سمجهه ؟

ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مقابلي جي ڊوڙ ايتري وڌي ويئي آهي جو ماڻهو گهوڙا گهوڙا ڪري پاڻ کي مڃائي ٿو. ڪجهه دانشور چون ٿا ته ماڻهن ۾ عدم تحفظ وڌي ويو آهي، انهيءَ ڪري اسان جو هر فرد پنهنجي مستقبل لاءِ شور ڪري ٿو، پر ڪجهه دانشورن جي راءِ آهي ته  لالچ، هوس ۽ عيش پرستي وڌي وڃڻ ڪري انسان جي اها صورتحال آهي جو هو نه صبر ٿو ڪري، نه شڪر ٿو ڪري. ڳالهيون سڀ درست آهن، ڇو ته شروعات جو ڪوبه انت ناهي. انسان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي هڪ سندس مادي پهلو ٻيو روحاني پهلو. ٻئي حصا اهم آهن ۽ ٻنهي ۾ تناسب ڪرڻ ضروري آهي. جي هڪ پاسي انسان لهي ويو ته  سندس ڪو  به انت نه هوندو.

سڪندر بادشاهه سڄي دنيا فتح ڪرڻ باوجود به ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو، نه وري قارون جو خزانو ڪارون لاءِ  پناهه بڻيو . سو ”آئون “جو مسئلو به ائين مقابلي سان شروع ٿيو وڃي. گهڻا ماڻهو پنهنجي حسب نسب ۾ ظرف وارا هوندا آهن، ڪي وري علم سان ظرف وارا ٿيندا آهن. پر اڄڪلهه تعليم کي علم سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته تعليم هنر آهي، يا وري فارمل ڊگري آهي، انهيءَ سان انسان جي روحاني تربيت ڪانه ٿي ٿئي. ٻيو ته انسان ۾ ڏيکاءَ پرستي ايترو وڌي آهي جو ٻه ڪتاب اڃا مس پڙهي ٿو ته پاڻ کي اڪابر سمجهڻ شروع ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ ڀٽائي خوب چيو هو ته:

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو

دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

علم حيرانيءَ کان شروع ٿي، حيرانيءَ تي ختم ٿئي ٿو، پهرين حيراني جهالت واري آهي ٻي حيراني عرفانيت واري آهي. پر ماڻهو علم جي پهرين ڏاڪي تي بيهي رهن ٿا.

قاضي قادن چيو هو :  ڪنز قدوري، قافيا، پڙهي پڙهيام سڀ،

ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوهه ۾ پئي ڪڇي اُڀ

هاڻي توهان اندازو لڳايو قاضي قادن چوي ٿو ته وقت جا اهم ڪتاب پڙهيام پر لڳي ٿو ته ڪا منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ آسمان  کي ماپڻ جي ڪوشش پئي ڪري.  هونءَ به جيڪو وڻ ميوي سان ڀريل هوندو آهي اهو جهڪيل هوندو آهي. يعنيٰ جنهن وٽ علم اچي ٿو ان وٽ عاجزي ۽ انڪساري اچي ٿي ، انهيءَ ڪري سقراط چيو هو ته ، مون کي ڄاڻ آهي ته آئون جاهل آهيان پر ماڻهن کي ته اها به خبر ناهي ته هو جاهل آهي.

برٽينڊ رسل چيو هو . علم جا ٽي مرحلا ٿيندا آهن هڪ اهو ته ”هن کي خبر ئي ناهي ته هو نٿو ڄاڻي“. ٻيو ”هن کي ڄاڻ آهي ته هو نٿو ڄاڻي “، ٽيون وري اهو ته ”هن کي ڄاڻ ناهي ته هو ڄاڻي ٿو“. اها ٽين منزل علم جي منزل اها آهي جتان درويشي شروع ٿئي ٿي، جتان وحدت جو رستو کلي ٿو. جتان ذات جي نفي ٿيڻ شروع ٿئي ٿي. ڀٽائي جڏهن چوي ٿو :

”ڄاڻي توءِ مَ  ڄاڻ ، ايءُ در اٻوجهن جو،

ان در سي ئي اگهيا، جن نه ڀانيو پاڻ

ريجهاڻين راڄاڻُ ، آهي اٻوجهن جو

پر اڄڪلهه  ٻه ڪتاب ماڻهو مس ٿو پڙهي ، ٽان ٽان شروع ڪري ڏئي ٿو. ويٺو ٻي جون پڳون لاهيندو. هو سمجهندو آهي ته صرف هن ئي اهو پڙهيو آهي. ٻي کي خبر ئي ناهي.

ظرف رڳو خاموشي يا صبر جي تلقين نٿو ڪري پر ظرف واري ماڻهو ۾ حياءَ هوندو آهي، هو پنهنجي هنر کي يا علم کي نمائش لاءِ پيش نه ڪندو آهي نه وري پاڻ پڏائيندو آهي.  ڪم ظرف ماڻهو ڦڏائي ۽ نيگيٽو هوندو آهي، سندس هر ڳالهه طنز ۽ پڏائڻ کان شروع ٿيندي آهي. ڳالهه اها آهي ته اڄ جو دور جڳاڙ پرستي تي لهي پيو آهي، ماڻهو ۾ ساڃاهه ۽ سمجهه جي بجاءِ حرص ۽ هوا ڀرجي ويئي آهي.  وري ٻيو مسئلو اهو پيدا ٿيو آهي ته سڀني کي پنهنجي صحيح هئڻ جو يقين آهي.

چون ٿا ته دور بدلجي ويو آهي، اڄ ڪلهه مشهور ٿيڻ ۽ مارڪيٽ ۾ پاڻ کي ڪيش ڪرائڻ جو دور آهي. جي توهان ماٺ ۾ رهيا ته پوءِ پوئتي رهجي ويندا. دنيا اڳتي ترقي ڪري پئي. هونءَ به سنڌي ماڻهو کي صوفي مت  دنيا جي ڊوڙ ۾ پوئتي رکيو آهي. پر آئون ته ڏسان پيو سنڌي ماڻهو جو صوفي مت ڪجهه به بگاڙي نه سگهي آهي. ڪجهه انفرادي ماڻهو ضرور صوفي آهن پر 21 صدي جو سنڌي ماڻهو اجتماعي طور حرص ۽ هوس ۾  مبتلا آهي. هن جو ڪوبه نظريو ناهي، هن جي ڪابه ڪمٽمينٽ ناهي، هو ڇڙواڳ ۽ جڳاڙ جي پٺيان  مارڪيٽ جو وکر بنجي چڪو آهي. صرف سنڌي ماڻهو نه پر دنيا جي مجموعي آبادي اهڙي روش ۾ مبتلا آهي. سو اڄڪلهه ماڻهو جي ظرف جي  وصف بدلجي وئي آهي.انسان جا پاڻ ۾ تضاد ۽ مقابلي بازي فطري آهي ، سماج ۾ اها روش ٿوري گهڻي هلندي رهندي آهي، پر مسئلو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن ماڻهو ليڪا لتاڙي  بي حياءَ ٿي بيهي رهي ٿو.  چوندا آهن ڊاڪٽر گربشخاڻي جا شاهه تي لکيل باقي سرن جا جلد ڪنهن غائب ڪري ڇڏيا.  سندس گهڻي ڪم کي چورايو ويو. سندس ڪو شاگرد سندس سامهون ٿي سندس ڪم کي پنهنجو ڪري ويهي رهيو.   پر گربخشاڻي ڪڏهن به اف نه ڪئي. اڄ تاريخ ثابت ڪري ٿي ته ڪنهن جو مقام ڇا آهي. اهڙي طرح تاريخ ۾ ٻه اهڙيون شخصيتون ملن ٿيون جن تي وڌ ۾ وڌ تنقيد ٿي ، کين ڌرتتي ۾ هلڻو پيو. پر هنن ماڻهن ڪنهن تنقيد جو جواب نه ڏنو. بس پنهنجو ڪم ڪندا رهيا.

انهن ۾ هڪ سگمنڊ فرائيڊ ۽ ٻيو چارلس ڊارون هئا.

اڄ تاريخ ثابت ڪري ٿي ته  سندن  مقام ڪيترو اوچو آهي، تنقيد ڪرڻ وارن جو ته نالو نشان به ڪونهي پر ڊارون ۽ فرائيڊ سدائين امر ٿي ويا. اسان وٽ شيخ اياز سان به گهٽ نه ڪئي ويئي هئي.  پر اڄ شيخ اياز  جا علمي ، فني گڻ ظاهر ٿي رهيا آهن.

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو

ڪجهه ڏات ڏسو پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا. !

سو ڳالهه اها آهي ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته  عام عوام جاهل به ٿئي ٿي ڪم ظرف به ٿئي ٿي . پر اڄ جو دور ٻڌائي ٿو ته ڪم ظرفي پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ وڌي ويئي آهي. بلڪ هي جيڪو شور آهي اهو پڙهيل لکيل ماڻهو وڌيڪ ڪري ٿو.

چون ٿا جڏهن حضرت عيسيٰ کي صليب تي لٽڪايو ويو هو اتي سندس ٻنهي طرفن کان ٻه ڏوهاري به صليب تي لٽڪيل هئا. انهن حضرت عيسيٰ کان پڇيو ته اسان ته ڏوهاري آهيون پر تو کي ڇو صليب تي چاڙهيو ويو آهي؟

حصرت عيسيٰ جواب ڏنو ، جاهل ۽ ڪم ظرف ماڻهن جي ڪري، جيڪي مونکي نٿا سڃاڻن . پرآئون  تاريخ ۾ امر ٿيڻ وڃان پيو توهان هميشه لاءِ گم ٿيڻ وڃو پيا.

جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي ڪم ظرفي واري ڏاڙهي پٽ نه هجي ته ڪر اسان ڪيترا مسئلا حل ڪري سگهون ٿا. سنڌ ۾  هزارين ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن جيڪي سنڌ مان کربين رپيا ڪمائن ٿيون پر سنڌي ماڻهو پني پيو ، ڊگريون کڻي رلي پيو. اديبن جي پاڻ ۾ ڏاڙهي پٽ، صحافين جي پنهنجي بليڪ ميلنگ، سياستدان ته صرف مال ٺاهڻ لاءِ ميدان تي لهندا آهن.

هن مارڪيٽ جي وکر واري ڪلچر ۾ ظرف جي ڳولا  ڪندي اسان   مونجهاري جهڙي کوهه پٽ واري ڪاڪ محل ۾ گم ٿي وينداسين پر ظرف نه ملندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجي گهران لڳندي!؟

عبدالمجيد مغيري پي ٽي آءِ، عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو، هن صاحب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے