17 جمعو , آگسٽ 2018

ون پلس فون استعمال ڪندڙن لاءِ خراب خبر

بيجنگ (ويب ڊيسڪ ) گذريل مهيني ڪمپيوٽر ۽ موبائلن لاءِ چِپ ۽ هارڊويئر تيار ڪندڙ آمريڪي ڪمپني انٽيل جي چِپ ۾ سيڪيورٽي خرابيون سامهون آيون هيون، جنهن جي ڪري سڄي دنيا جي ڪروڙين ڪمپيوٽر ۽ موبائلون متاثر ٿيون هيون، جڏهن ته هاڻي چيني ڪمپني ”ون پلس“ جي ڪريڊٽ ڪارڊ ڊيٽا سروس ۾ نقص جون تفصيلون سامهون آيون آهن، جنهن جي ڪمپني به تصديق ڪري ڇڏي آهي. ون پلس سمارٽ فون جي واهپيدارن جي ڪريڊٽ ڪارڊ جي ڄاڻ چوري ٿيڻ جي خبر گذريل هفتي سامهون آئي هئي پر ان وقت تائين ڪمپني ان جي تصديق نه ڪئي هئي، هاڻي ون پلس ڪريڊٽ ڪارڊ سروس سان واهپيدارن جي ڊيٽا چوري ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ون پلس پنهنجي سروس مان ڊيٽا چرائجڻ جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ واهپيدارن سان معذرت ڪندي ٻڌايو ته ان فراڊ سان اسان جا 40 هزار واهپيدار متاثر ٿيا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڻ ڄاتل هيڪرن ۽ فراڊي ماڻهن اسان جي هڪ سرور تي حملو ڪري اتان واهپيدارن جي ڊيٽا چوري ڪئي. ون پلس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته 40 هزارن کان وڌيڪ واهپيدارن جي ڪريڊٽ ڪارڊ جي ڄاڻ آڪٽوبر 2017 کان 11 جنوري جي وچ ۾ چوري ڪئي وئي، بيان ۾ چيو ويو ته ڪمپني سڀني واهپيدارن کي ذاتي اي ميلز ڪيون آهن، جيڪي ان سيڪيورٽي نقص سان متاثر ٿيا. ڪمپني ڪيترن ئي واهپيدارن کان انهن جي نقصانن جا تفصيل به ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بيان موجب واهپدارن جي ڊيٽا چوري ٿيڻ جي جاچ جاري آهي، جنهن جا نتيجا جلد جاري ڪيا ويندا، گڏوگڏ ون پلس پنهنجي واهپيدارن کي صلاح ڏني آهي ته اهي پنهنجي بئنڪ اسٽيٽمينٽ چيڪ ڪن ۽ جن ادائگين تي کين شڪ شبها هجن، انهن بابت اهي پنهنجي بئنڪ سان رابطو ڪن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fifty years of Facebook's Facebook traffic decreased by 50 percent in two years

ٻن ورهين دوران فيسبڪ جي ٽريفڪ انگ ۾ 50 سڪيڙو گهٽتائي: رپورٽ

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ مشهور سوشل ميڊيا ويب سائٽ” فيسبڪ“ جي مقبوليت جو گراف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے