27 آچر , مئي 2018

سرڪاري صحت ڪارڊ تي نااهل شخص جي تصوير جاري ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته شريف مافيا نوجوان نسل کي اخلاقي طور تباهه ڪري رهي آهي. عمران خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل هيلٿ ڪارڊ جي تصوير جاري ڪرڻ سان گڏوگڏ لکيو آهي ته هڪ نااهل شخص جي تصوير سرڪاري صحت ڪارڊ تي جاري ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي، دنيا جي ڪنهن به جمهوريت ۾ اهڙو عمل قبول ڪرڻ جوڳو ناهي هوندو. هن وڌيڪ لکيو ته عوامي ٽيڪس جي پئسي سان ڏوهارين جي مشهوري ڪئي پئي وڃي، شريف مافيا نوجوان نسل کي اخلاقي طور تباهه ڪري رهي آهي، اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ غلط ڳالهه ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khurram Nawaz gundapur was able to remove 320 students from the host at the video line

خرم نواز گنڊا پور جي وڊيو ليڪ ڪرڻ تي 320 شاگردياڻين کي هاسٽل مان نيڪالي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) منهاج القرآن يونيورسٽي انتظاميه خرم نواز گنڊا پور جي وڊيو  ليڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے