21 پیر , مئی 2018

خواهش آهي ته سنڌ ۾ پنجاب کان وڌيڪ ترقي ٿئي: مشاهد الله خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيٽر مشاهد الله خان چيو آهي ته آصف زرداري سنڌ جو حال خراب ڪري ڇڏيو، کيس ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مشاهد الله خان چيو ته پارليامينٽ تي لعنت وجهڻ رياست سان غداري آهي، اتي عمران خان جي پارٽي جا ميميبر به ويٺا آهن، قوم کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته اسان ڪڏهن لاشن جي سياست ناهي ڪئي، ائين ڪندڙن جو حال مال روڊ وارن جهڙو هوندو آهي، ڪراچي جو عوام انهن پارٽين کي اڳتي آڻي، جن قتل ناهن ڪيا. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿي، پ پ کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. مشاهد الله خان چيو ته ڪراچي ۾ معيشت جو ڦيٿو نواز شريف جي ڪري ڦري رهيو آهي، اسان چئني صوبن ۾ ڪم ڪيا، خواهش آهي ته پنجاب کان وڌيڪ ترقي سنڌ ۾ ٿئي. ن ليگ سينيٽر جو چوڻ هو ته بجلي پيدا ڪرڻ جي ذميواري صوبن جي آهي، حيدرآباد موٽر وي سنڌ حڪومت ۽ زرداري صاحب جو ڪم هو پر ٿر ۾ ڪول پراجيڪٽ نواز شريف شروع ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The PML-N today responded to the 100-day TTP's post

مسلم ليگ(ن) اڄ پي ٽي آءِ جي 100 ڏينهن واري ايجنڊي جو جواب ڏيندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) اڄ تحريڪ انصاف جي طرفان پيش ڪيل 100 ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے