21 بدھ , فروری 2018

قوم سان گڏجي دشمنن جا ناڪام ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين: ايئر چيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فضائيا جي سربراهه ايئر مارشل سهيل امان چيو آهي ته پاڪستان جا دشمن گڏجي پاڪ سرزمين خلاف سازش ڪري رهيا آهن پر اسان قوم جي سهڪار سان دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين. ڪراچي جي پي اي ايف ميوزم ۾ 1974ع جي عرب – اسرائيل جنگ جي هيرو ايئر ڪموڊور ستار علوي (رٽائرڊ) کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ ٿيل تقريب ۾ خطاب ڪندي ايئر چيف مارشل چيو ته ستار علوي شامي فضائيا طرفان اسرائيلي فضائيا جي ميراج جهاز کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، اسان جي عظيم پائلٽ جا ڪارناما سڄي قوم لاءِ فخر جوڳا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان الله جي نالي تي ٺهڻ واري هڪ نظرياتي رياست آهي ۽ الله جي نالي سان ٺهندڙ ملڪ تي ڪير به خراب نظر نٿو رکي سگهي. هن چيو ته اسان جا دشمن گڏجي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن پر اهي پنهنجي ڪوششن ۾ سدائين ناڪام رهندا. ايئر چيف سهيل امان تقريب ۾ ايئر ڪموڊور (رٽائرڊ) ستار علوي کي خدمتن عيوض خراج پيش ڪندي ستارا جرئت سان نوازيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے