21 بدھ , فروری 2018
نڪور خبرون

شريف خاندان سدائين ڪوڙ ڳالهايو، نواز شريف مودي کي خوش ڪري رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف اڄ تائين ملڪيت جو حساب ناهي ڏئي سگهيو، شريف خاندان سدائين ڪوڙ ڳالهايو، نواز شريف اعليٰ عدليا جو ڊڪليئرڊ مافيا آهي. هري پور ۾ ن ليگ جي جلسي تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته ادارن تي تنقيد ڪري نواز شريف ڪنهن کي خوش ڪرڻ چاهي ٿو؟ سندس واحد مقصد مودي کي خوش ڪرڻ آهي. هن چيو ته شريف خاندان جي جيڪا به عزت بچي آهي، اها ايندڙ چونڊن کانپوءِ ختم ٿي ويندي، سندن جنازو نڪري ويندو. سندس چوڻ هو ته شريف ڀائرن ملڪيتون ڪيئن خريد ڪيون، ڪو حساب ناهي، ڪا رسيد ناهي؟ نواز شريف وٽ ڪوڙي قطري خط کانسواءِ ڪا به مني ٽريل ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو عدالت کان اجازت نه ملڻ جي باوجود لنڊن وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف نيب ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے